غلام حيدر جمالي ڪرپشن واري ڪيس مان بري

غلام حيدر جمالي ڪرپشن واري ڪيس مان بري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن عدالت پوليس کاتي جي ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ۽ مبينه ڪرپشن جي ڪيس ۾ سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. بري ٿيل ٻين جوابدارن ۾ ايس ايس پي تنوير احمد طاهر ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي اصغر ڪلهوڙو به شامل آهن.پراسيڪيوشن موجب جوابدارن جي خلاف ڪيس نيب کان اينٽي ڪرپشن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته انهن پوليس ملازمن جي پگهار مان آءِ جي سنڌ آفيس جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني ڪٽوتيون ڪيون.استغاثه جو موقف هو ته پگهارن ۾ ڪٽوتين ذريعي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي جڏهن ته جوابدارن تي اختيارن جي ناجائز استعمال، سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد ۽ ٻين مالي بي ضابطگين جا الزام به لڳل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو