عاصم افتخار پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آمنه بلوچ ترڪي جي سفير مقرر

عاصم افتخار پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آمنه بلوچ ترڪي جي سفير مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جي نين مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جا مستقل نمائندا عاصم افتخار احمد نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏيندا.اسحاق ڊار چيو ته عاصم افتخار احمد جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس پيشه ورانه انداز ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جو سلسلو جاري رکندي.اسحاق ڊار ٻڌايو ته آمنه بلوچ 11 سيپٽمبر 2024 کان پرڏيهي سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀالينديون ۽ هوءَ 17 سيپٽمبر 2026 تي سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿينديون؛ رٽائرمينٽ کانپوءِ هوءَ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير طور ذميواريون سنڀالينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو