حيدرآباد: (ن س) ڪوٽڙي اسٽيشن تي مال بردار ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي وڃڻ واري واقعي کي 18 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود به اپ ٽريڪ اڃان تائين بحال نه ٿي سگهيو آهي.تفصيل موجب اپ ٽريڪ جي بحالي جو ڪم گذريل ڏينهن کان جاري آهي. پر مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو بحالي ۾ وڌيڪ ڪيترائي ڪلاڪ لڳندا.ٽرينن جي آمد رفت ڊائون ٽريڪ تان جاري آهي، جنهن سبب ٽرين جي آمد رفت ۾ دير کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ريلوي انتظاميه موجب 6 بوگين کي ٽريڪ تان هٽايو ويو آهي، وڌيڪ هڪ بوگي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل ٽريڪ جو مرمتي ڪم باقي آهي، ٽريڪ جي بحالي جلد ڪئي ويندي.










