اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، 2 ۽ 5 سيپٽمبر جي وچ ۾ خيبر پختونخوا ۾ مختلف جھڙپن ۾ 21 خارجي مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، 31 آگسٽ ۽ 1 سيپٽمبر جي وچ ۾ اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران علائقي ۾ لڪيل 10 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻئي آپريشن ۾ 7 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ٻن الڳ الڳ جھڙپن ۾ 4 وڌيڪ خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر چيو ته دراندازي جي ڪوشش ڪندي مارجي ويل خارجين جو ڪل تعداد 25 تائين پهچي ويو آهي. علائقي ۾ ٻين خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب، افغانستان کان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. افغان طالبان حڪومت کي موثر سرحدي انتظام کي يقيني بڻائڻ گهرجي. طالبان حڪومت دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجي سرزمين جي استعمال کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.










