سکر (ن س) ٻٻرلو باءِ پاس کان اڳتي ڪرم آباد ابڙو ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 35 ورهين جو نوجوان مزمل موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.تفصيل موجب ببرلو باءِ پاس کان اڳتي ڪرم آباد ابڙو ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو. حادثو ايترو ته شديد هو جو موٽرسائيڪل سوار نوجوان مزمل سخت زخمي ٿيڻ سبب موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.حادثي جي اطلاع ملندي ئي ايدهي انفارميشن ڊيسڪ سکر جي اطلاع تي ايدهي رضاڪار فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتي نوجوان جو لاش ايدهي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو.ايدهي اختيارين موجب لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ميت وارثن حوالي ڪئي ويندي.حادثي سبب قومي شاهراهه تي ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي، جڏهن ته واقعي بابت لاڳاپيل اختيارين طرفان وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.










