لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيرِاعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بحري قزاقن کي تاوان ڏيڻ واري ڳالهه نٿي مڃي سگهجي.لنڊن جي دوري تي پهتل نائب وزيرِاعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته صوماليا ۾ ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل پاڪستاني ملاحن جي واپسي چئن مهينن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود اڃا تائين ممڪن ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته گهر وارا اڃا تائين پريشان آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته يقين دهانين بدران عملي قدم کنيا وڃن.اسحاق ڊار چيو ته قزاقن کي تاوان ڏيڻ واري ڳالهه نٿي مڃي سگهجي، عالمي قانونن تحت مغوين کي تاوان ڏئي نٿو ڇڏائي سگهجي، ۽ جيڪڏهن قزاقن کي ائين پئسا ملڻ شروع ٿي ويا ته هو اهو سلسلو جاري رکندا. هن ٻڌايو ته قزاقن وٽ ڦاٿل 10 پاڪستانين جي رهائيءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن جن جون تفصيلون هينئر نٿيون ٻڌائي سگهجن.










