بم ڌماڪي ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار شهيد 5 زخمي

بم ڌماڪي ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار شهيد 5 زخمي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ڊي سي هرنائي عظيم جان دمڙ موجب خوست جي علائقي ۾ گشت دوران سڙڪ تي فٽ ٿيل بم ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ايف سي جي گاڏي کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ياد رهي ته 10 جنوري تي ڪوئٽا جي سيٽ لائٽ واري علائقي جي هڪ مسجد ۾ بم ڌماڪي سبب ڊي ايس پي امان الله سميت 10 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿيا هئا.  

پهنجو تبصرو موڪليو