غلام حسين لغاري
ملڪ ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن قائم ڪرڻ واري سرڪاري بيانئي تي سنڌ جي ماڻهن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته اهي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏيندا ۽ هر ڪنهن به امڪاني اعلان يا قانون سازي کي ٿڏي ڇڏيندا۔قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه جناب اياز لطيف پليجو جنهن کي وفاقي ايجنسي ڪالهه سندس هڪ بيان جي جاچ لاء ڪراچي طلب ڪيو هو ان ۾ شامل ٿيڻ لاء هزارن جي انگ ۾ سنڌ ڌرتي جي پٽن ڌيئرن مائرن وڪيلن شاگردن جي آجيان واري پروٽوڪول ۾ جاچ اداري جي آفيس پهتو۔هن علائقي کي پوليس جي وڏي نفري گاڏين سميت پهتل هيون رستا بند ويا ۽ هڪ قسم جو خوف و هراس پئدا ڪيو ويو هو۔هن کان اڳ ٽيون ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اياز لطيف پليجي جي حمايت ۽ سنڌ ٽوڙڻ واري سرڪاري بيانئي جي مخالفت ۾ جيڪي احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا هئا تنهن ۾ پڻ ڪافي اڳواڻ ڪارڪن گرفتار ٿيا هئا۔ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جاچ آفيس پهچڻ کان اڳ آجيان واري پروٽوڪول دوران پنهنجو پيدل سفر جاري رکندي صحافين جي سوالن جا جواب به پراعتماد سان ڏيندو رهيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته هو سنڌ ڌرتي جو ۽ مرحوم سنڌي اڳواڻ رسول بخش امڙ جيجي زرينه بلوچ جي ٿڃ سان نڀائيندڙ سچو پٽ ۽ سپوت آهي جنهن صاف چئي ڏنو ته سنڌ امڙ جي ٿڃ سان ڪڏهن به غداري نه ڪبي انجي وحدت لاء جان به قربان ڪبي۔سنڌ هاڻ نئين سنڌ آهي ۽ نون جذبن سان پنهنجي وحدت قائم رکندي ڪنهن به صورت ۾ ان کي ٽڪرا ڪرڻ ۽ ورهائڻ نه ڏبو جيڪي سنڌ کي پنهنجي ماء ڌرتي نٿا سمجهن يا قبول ڪن تن کي واپس اوڏانهن وڃڻ گهرجي جتان آيا آهن۔هن واضح اکرن ۾ چيو ته هو جاچ لاء پيش ٿيڻ کان ڊڄي اهو جنهن وٽ دليل نه هجن۔هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ احتجاجن دوران گرفتار ڪيل اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن سندن ڏوهه رڳو اهو آهي جو اهي ميرٽ جي لتاڙ پاڻي وسيلن جي گهر ڪري رهيا هئا۔جيتوڻيڪ جاچ اداري جي گيٽ وٽ عوامي هجوم جي موجودگي کي ڏسي کيس ڪجهه گهڙيون روڪيو ويو پر بعد ۾ سندس وڪيلن سميت اندر اچڻ جي اجازت ملي۔اندر ويو اداري وارن جي چانهن پي ٻاهر نڪتو بقول سندس ته وڌيڪ جاچ لاء کيس گهر جي ائڊريس تي سوال موڪليا ويندا جن جا هو جواب ڏيندو۔
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جناب اياز پليجو جو وفاقي جاچ اداري ۾ پهچڻ بنا خوف جي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ آجيان واري پروٽوڪول ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ڪرڻ سنڌ جي وحدت لاء پرجوش نعرا هڻڻ انهن قوتن ۽ سياسي ڌرين لاء هڪ قسم جو چئلنج ۽ پيغام آهي جيڪي سنڌ جي وحدت لاء هڪ وڏي عرصي کان مخالف ۽ سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جا خواب لهي رهيا آهن۔ايم ڪيو ايم ته بنهه سنڌ خلاف محاذ ٺاهيو بيٺي آهي ۽ اهو باور ڪرائي رهي آهي ته ڄڻ سنڌ هنن لکنو ۽ دهلي مان آندي هجي جنهن کي ڪيڪ سمجهن ٿا۔سنڌ هزارين سال اڳ جي آهي سنڌ پيرن بزرگن پيغمبرن جي آهي جنهن کي مٽائڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي۔سنڌ جي سرزمين تي جنم وٺندڙ سمورن پارٽين ۽ ڌرين بشمول سنڌ لاء بهتر سوچ رکندڙ مهاجرن پٺاڻن پنجابين بلوچن به رياستي سوچ ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪئي آهي خود پ پ پ جا اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر به سنڌ جي ورهاڱي واري سوچ خلاف بيان ڏئي رهيا آهن پر پ پ پ جي وفاقي قيادت خاص ڪري پ پ پ چيئرمن جناب بلاول ڀٽو يا صدر آصف زرداري جو هن ڏس ۾ واضح کليل بيان سامهون اچي ناهي سگهيو الٽو سنڌ جي ورهاست خلاف احتجاج ڪندڙن کي سنڌ حڪومت گرفتار ڪري رهي آهي خبر ناهي ته اها ڪهڙي سياست آهي۔پ پ پ قيادت کي پنهنجو واضح موقف عوام آڏو رکڻ گهرجي۔ڪي پي اسيمبلي کان هن قسم جو ٺهراء پاس ڪرايو آهي سنڌ اسيمبلي خبر ناهي ته ڪهڙي سبب دير پئي ڪري۔جيڪڏهن ملڪ جو ڪو نظام تباهه ٿي چڪو آهي ته ان ۾ خود اقتداري قوتن ۽ سياسي پارٽين جو آهي صوبن ۽ انهن جي وحدت جو ڪهڙو قصور۔جنهن ملڪ جي معاشي حالت مضبوط نه هجي اتي ٽيهه چاليهه صوبا ٺاهڻ سان ترقي ناممڪن آهي۔
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کي ڪالهه ڪراچي ۾ جاچ اداري ۾ پيشي مهل جنهن نموني ڀرپور آجيان وارو پروٽوڪول مليو هزارن جي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪتا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي جنهن کي وفاق يا تنظيم پنهنجي قبضي هيٺ آڻي نٿي سگهي ايم ڪيو ايم ۽ رياستي ادارن کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ ڪا سولي راند ناهي ۽ غلطي وٽن جيڪڏهن اهڙي ڪا راند کيڏي به وئي ته اها ملڪ کي ڪمزور ڪندي جنهن لاء سنڌ جي لکين مسلمانن جانيون قربان ڪيون هيون۔هي ته صرف قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هئا پر جيڪڏهن سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون انهن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن روڊن تي نڪتا ته کين سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو۔ملڪ جي آئين ۽ قانون کي وڌيڪ امتحانن ۾ وجهڻ جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا۔باقي جناب اياز پليجي کي مليل آجيان واري پروٽوڪول پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ سموريون قومون هڪ آهن سنڌ کي في الحال ورهائڻ ڏکي ڳالهه آهي۔جن کي سنڌ نٿي وڻي سنڌ جو ڪلچر نٿو وڻي ڀلي پاجاما پائين ۽ پان کائين۔










