چا اسان جو تعليمي نظام نئين دنيا سان ٺهڪي پيو؟

چا اسان جو تعليمي نظام نئين دنيا سان ٺهڪي پيو؟

طفيل مگسي
ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز سندس قدرتي وسيلن ۾ ناهي هوندو بلڪ انهيء جي تعليمي نظام ۾ لڪل هوندو آهي۔جيڪڏهن تعليم انسان کي سوچڻ،سمجهڻ،تحقيق ڪرڻ ۽ بهتر فيصلي ڪرڻ جو لائق بڻائي چڏي ته اهو معاشرو ترقي جي شاهراھ تي راهي ٿي وڃي ٿو۔ليڪن جيڪڏهن تعليم صرف امتحان پاس ڪرڻ،نمبر کڻڻ ۽ هڪ ڪاغذي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين محدود ٿي وڃي ته ان جا نتيجا به محدود رهجي وڃن ٿا۔
اڄ اسان وٽ تعليم جو تصور اڪثر ڪري نمبرن،گريڊز ۽ ڊگرين جي چوڌاري گهمي ٿو۔هڪ ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ اهڙي ڊوڙ جو حصو بڻجي وڃي ٿو جنهن جو اختتام اڪثر امتحان جي رزلٽ تي هوندو آهي،نه ته سندس شخصيت،ڪردار يا صلاحيتن جي تعمير تي والدين،استاد ۽ ادارا به اڪثر ڪاميابي کي صرف سٺن نمبرن سان ڳنڍي چڏين ٿا،حالانڪ زندگي جي امتحانن ۾ ڪاميابي جو دارومدار صرف يادداشت تي نه بلڪ سوچ،ڪردار،تخليق صلاحيت ۽ مسئلي ڪرڻ واري اهليت تي هوندو آهي۔
تعليم جو مقصد اهو نه هئڻ گهرجي ته هر شاگرد هڪ ئي رستي تي هلي۔هر ٻار پنهنجي فطرت،دلچسپي ۽ صلاحيت جي لحاظ کان منفرد هوندو آهي۔ڪنهن ۾ تحقيق جو شوق هوندو آهي،ڪير فنون لطيفي ۾ قابليت رکي ٿو،ڪو ڪاروباري ذهن رکي ٿو،ڪو ٽيڪنالوجي ۾ غير معمولي صلاحيت جو مالڪ هوندو آهي،جڏهن ته ڪو ٻين جي خدمت ۾ پنهنجو مستقبل ڏسندو آهي،هڪ ڪامياب تعليم نظام اهوئي هوندو آهي ته ان جي سمورين صلاحيتن کي سڃاڻڻ،ان جي آبياري ڪري هر ٻار کي ان جي اصل صلاحيت جي مطابق اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيئي۔
بدقسمتي سان اسان جي تعليمي ماحول ۾ سوال پچڻ کان وڌيڪ جواب ياد ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي۔تجسس،تحقيق ۽ تنقيدي سوچ،جيڪي ڪنهن به مهذب معاشري جا بنياد هوندا آهن،اڪثر نصابي ڪورس ۽ امتحاني تياري جي ٻوجھ هيٺان دٻجي وڃن ٿا۔نتيجو اهو نڪري ٿو ته شاگرد ڄاڻ ته حاصل ڪري وڄي ٿو،مگرڌانهيء ڄاڻ کي نئين صورت ۾ استعمال ڪرڻ،نوان خيال پيدا ڪرڻ يا حقيقي مسئلن حل ڪرڻ جي قابليت حاصل نٿو ڪري سگهي۔
دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي۔مصنوعي ذهانت،روبوٽڪس،ڊيجيٽل ٽيڪنالوجي،ڊيٽا سائنس اٽڪل هر شعبي کي تبديل ڪري رهيا آهن۔اهڙي دور ۾ صرف نصابي ڪتابن تي دارومدار ڪافي ناهي۔اسان کي اهڙي تعليمي ماحول جي ضرورت آهي،جتي ٻارڙا نئين ٽيڪنالوجيز کان واقف هجن،تحقيق ڪن،عملي منصوبن تي ڪم ڪن،ٽيم ورڪ سکن،بهتر انداز ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ڄاڻين ۽ زندگي سڄي سکڻ جي عادت اختيار ڪن۔مستقبل انهن ماڻهن جو هوندو/ٿيندو جيڪي تبديلي کي قبول ڪن،نه نت صرف پراڻن طريقن کي ورجائيندا رهن۔
تعليم صرف ڄاڻ منتقل ڪرڻ جو نانء به ناهي،هڪ سٺو ايمانداري وارو تعليمي نظام،ديانت،برداشت،احترام،ذميواري،تعاون ۽ خلق جي خدمت وارن قدرن کي به استاھ ڏياريندو آهي۔جيڪڏهن هڪ شاگرد اعلي نمبر ته کڻي اچي،ليڪن ڪردار،اخلاق ۽ سماجي ذميواري کان محروم هجي ته معاشرو۽ان جي تعليم کان اهي فائدا حاصل نٿو ڪري سگهي جنهن کيس کي ضرورت آهي۔
استاد انهيء تبديلي جا سڀ کان اهم ڪردار آهن۔هڪ استاد صرف ڪتاب نٿو پڙهائي بلڪ سوچ پيدا ڪري ٿو،اعتماد ڏيئي ٿو،خواب کان بيدار ڪري ٿو ۽ هڪ سڄي نسل جو قبلو مقرر ڪري ٿو۔انهيء ريت والدين جو ڪردار به محض نمبرن جي مطالبي تائين نه هئڻ گهرجي بلڪ انهن کي ٻارڙن جي دلچسپي، ذهني صحت، جذباتي نشوونما ۽ حقیقي سکڻ واري عمل تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي۔
تعليمي ادارن کي به پنهنجين اوليتن تي سوچڻو پوندو۔جيڪڏهن ادارا صرف نتيجن،اشتهارن ۽ داخلائن جي انگ کي ڪاميابي سمجهندا رهندا ته تعليم جو اصل مقصد پسمنظر ۾ هليو ويندو۔
ڪامياب ادارو اهو آهي جتي ٻارڙا خوشي سان سکن،سوال ڪن،تجربا ڪن،غلطين کان سبق حاصل ڪن ۽ پاڻ کي هڪ وقار ڀريو،صلاحيت وارو ۽ ذميوار شهري جي طور تي تيار ڪن۔
اڄ۔ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته اسان هڪ اهڙي تعليمي نظام جي تعمير ڪيون جيڪو ٻارڙن کي صرف ڪامياب ملازم نه بلڪ ڪردار وارو انسان،ذميوار شهري،تخليقي مفڪر،تحقيق ڪرڻ وارو شاگرد ۽ زندگي سڄي سکڻ وارو فرد بڻائي۔چاڪاڻ ته قومن جي اصل ترقي عمارتن سان نه بلڪ اهڙن انسانن سان ٿيندي آهي جيڪي سوچي سگهندا هجن،سکي سگهندا هجن ۽ ٻين جي لاء سولايون پيدا ڪري سگهندا هجن۔

پهنجو تبصرو موڪليو