عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

لنڊن/ نيو يارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان واڌارو ٿيو آهي، جتي تيل جا اگهه 2 ڊالرن کان وڌيڪ في بيرل وڌي ويا آهن. غير ملڪي خبر رساں اداري موجب، آمريڪا ۾ خام تيل جي ذخيرن ۾ آيل وڏي ڪمي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي وري پر لڳي ويا آهن. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏينهن واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ عارضي ڪمي اچڻ سان اگهه ڪِري پيا هئا، پر نئين ڪاروباري سيشن ۾ قيمتون ٻيهر مٿي هليون وييون آهن. برينٽ خام تيل جي فيوچر معاهدن جي قيمت 3.2 سيڪڙو (2.71 ڊالر) واڌ کانپوءِ 86.80 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (WTI) جي قيمت به 3.4 سيڪڙو اضافي سان 81.95 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو