اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيريس سان ملاقات ڪئي آهي.هن ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته تڪرارن جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ثالثي وارين ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان علاوه گڏيل قومن جي امن جي قيام، خاص ڪري پاڪستان جي لازوال خدمتن تي به گفتگو ڪئي وئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته آرمي چيف ۽ وزيراعظم شهباز شريف امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.










