ڪراچي (نمائندن وٽان) چين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ جي مختلف شهرن جي شاگردن جا والدين انتهائي پريشان آهن ڇاڪاڻ ته چين ۾ ڪورونا وائرس سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ان موذي وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته چيني يونيورسٽين جي انتظاميه پاران پاڪستاني شاگردن کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ويو آهي پر ان باوجود حڪومت طرفان ڪي به جوڳا اپاءُ نه پيا ورتا وڃن. نئون ديرو مان شاد محمود ڀٽو مطابق چين ۾ پڙھندڙ نئون ديرو واسي ڊاڪٽر جنيد احمد جروار جي والد سردار علي جروار ۽ چاچي ساجد علي جروار ميڊيا کي ٻڌايو ته چين ۾ ڪورونا وائرس سبب اسان پنهنجي ٻڄڙي جي واپسي لاءِ 3 لکن روپين جي لڳ ڀڳ ڪرايو وغيره موڪلي ڇڏيو آھي پر پاڪستاني سفارتخانو اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسان انتهائي ذھني دٻاءُ ۾ آھيون ۽ هنن جي صحت جي باري ۾ فڪر مند آھيون. *** ڪنب مان صفدر چانڊيو مطابق چين ۾ موجود ڪنب واسي وقار اسلم منگي ويڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته هتي اعليٰ تعليم جو خواب کڻي نڪتا آھيون پر هن وقت حالتون اهڙيون وڃي بچيون آھن جو گهرڀاتين سان به رابطو ڪرڻ تي بندش وڌي وئي آھي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضروري کائڻ پيئڻ واريون شيون به ملڻ مشڪل ٿي ويون آھن هڪٻئي سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي.

جڏھن ته پاڪستاني سفارتخاني وارا چيني پاليسن موجب ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھن مسلسل هڪ جڳھ تي ماسڪ پائي پريشان ٿي ويا آھيون. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق سينئر صحافي آفتاب احمد سومرو جو پٽ عادل آفتاب سومرو تعليم لاءِ چائنه ويل هو جيڪو پڻ ڪرونا وائرس سبب سخت پريشان آهي.

سندس والد ٻڌايو ته منهنجو پٽ جيڪو چئن سالن کان چائنه جي گيلين يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ پڙهي رهيو آهي جيڪو ڪرونا وائرس سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي. رابطي ڪرڻ تي منهنجي پٽ ٻڌايو ته اسان کي يونيورسٽي انتظاميه پاران نوٽيس ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هنن چيو آهي ته توهان پنهنجي ملڪ پاڪستان وڃو اسان بي يارو مددگار ويٺا آهيون ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاء تيار ناهي. شاگردن جي والدين وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي نوجوانن کي چائنه مان پنهنجي ملڪ پاڪستان آڻڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.










