اسلام آباد ۾ ڳرا ٽوڪن ٽيڪس ۽ گاڏين تي اضافي ڊيوٽي لاڳو

اسلام آباد ۾ ڳرا ٽوڪن ٽيڪس ۽ گاڏين تي اضافي ڊيوٽي لاڳو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت پرڏيهي ناڻي جي نيڪال کي گهٽائڻ لاءِ وڏي انجڻ وارين انٽرنل ڪمبسشن انجڻ (ICE) گاڏين کي خاص طور نشانو بڻايو آهي.
جيتوڻيڪ معياري فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي (FED) جون شرحون تبديل نه ڪيون ويون آهن، پر ان سان گڏ هڪ تمام وڏي اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي (SED) لاڳو ڪئي وئي آهي.
2000 سي سي کان 3000 سي سي گاڏين تي موجوده 30 سيڪڙو ڊيوٽي برقرار رهندي ۽ مٿن 86 سيڪڙو اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي SED لاڳو ڪئي وئي آهي. 3000 سي سي کان مٿي وارين گاڏين تي 40 سيڪڙو ڊيوٽي برقرار رهڻ سان گڏ انهن تي 92 سيڪڙو ايس اي ڊي لاڳو ڪئي وئي آهي.
درآمد ٿيل اليڪٽرڪ گاڏيون (CBU EVs)
درآمد ٿيل مڪمل تيار ٿيل (CBU) اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ موجود زيرو سيڪڙوFED جي عام رعايت هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. منظور ٿيل بجيٽ تحت گاڏين جي انوائس ويليو (قيمت) جي بنياد تي ٽن درجن وارو ٽيڪس نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جو مقصد نسبتاً سستي ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏين ۾ فرق ڪرڻ آهي.
2 ڪروڙ رپين تائين (تقريباً 75 هزار آمريڪي ڊالر) ماليت جي گاڏين تي ڊيوٽي جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جيئن اليڪٽرڪ گاڏيون عام ماڻهن لاءِ دستياب رهن. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترا عام ماڻهو آهن جيڪي 2 ڪروڙ جي گاڏي خريد ڪري سگهندا؟ هي سهولت به بظاهر اشرافيه جي فائدي لاءِ ئي آهي.
2 ڪروڙ کان 3 ڪروڙ رپين جي ماليت وارين گاڏين تي، جن جي قيمت (تقريباً 75 هزار کان 110 هزار ڊالر) تائين هوندي انهن تي ڇوٽ ختم ڪندي 30 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. 3 ڪرو کان مٿي واري ماليت جي اليڪٽرڪ گاڏين تي ڊيوٽي 40 سيڪڙو لاڳو ڪئي وئي آهي.
2000 کان 3 هزار سي سي گاڏين تي اڳم 30 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو هئي پر هاڻي ان شرح سان گڏوگڏ گاڏي جي ڪل قيمت جي 86 سيڪڙو برابر اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽي به لاڳو ٿيندي. يعني مجموعي طور گاڏي جي قيمت جي 116 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي.
3 هزار سي سي کان مٿي وارين گاڏين تي اڳ ۾ ئي 40 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو آهي پر هاڻي 92 سيڪڙو اسپيشل ڊيوٽي به ادا ڪرڻي پوندي.
اسلام آباد جا نوان ٽوڪن ٽيڪس
1000 سي سي تائين 20 هزار فڪس ٽوڪن ٽيڪس هوندو، 1001 کان 2000 سي سي وارين گاڏين جي قيمت جي 0.25 سيڪڙو ٽوڪن تيڪس لڳائي وئي آهي. جڏهن ته 2001 کان مٿي وارين گاڏين جي قيمت جو 0.35 سيڪڙو ٽوڪن ٽيڪس ڀرڻي پوندي.
سستي اگهه تي پريميئم درآمدي گاڏيون خريد ڪرڻ ۽ گهٽ رجسٽريشن خرچن وارو دور هاڻي عملي طور ختم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت وڌيڪ آمدني رکندڙ ماڻهن تي ٽيڪسن جو بار وڌائي رهي آهي.
جيتوڻيڪ ابتدائي ۽ نسبتاً سستيون اليڪٽرڪ گاڏيون هن وقت تائين محفوظ آهن، پر اسلام آباد ۾ عام گاڏي مالڪن کي نئين سيڪڙو بنياد واري ٽوڪن ٽيڪس سبب اضافي خرچن کي منهن ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو