سميعه نخول
تجزيه نگارن، اڳوڻن آمريڪي عملدارن ۽ سفارتڪارن موجب، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو سڀ کان وڏو نقصان شايد اسرائيل جي ايران بابت حڪمت عملي نه، پر بينجمن نيتن ياهو جي ان سياسي ساک کي پهتو آهي، جيڪا هن ڏهاڪن تائين هڪ اهڙي اسرائيلي اڳواڻ طور قائم ڪئي هئي، جيڪو ايران جي معاملي تي واشنگٽن کي پنهنجي مرضي مطابق موڙي سگهي ٿو.
نيتن ياهو پنهنجي سياسي سڃاڻپ ان دعويٰ تي تعمير ڪئي هئي ته رڳو هو ئي آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران بابت هڪجهڙي حڪمت عملي تي قائم رکي سگهي ٿو. هن ريپبلڪن حمايت کي مضبوط بڻايو ۽ پاڻ کي اهڙي اسرائيلي اڳواڻ طور پيش ڪيو، جيڪو لڳاتار ايندڙ آمريڪي صدرن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. هن هميشه اهو موقف اختيار ڪيو ته تهران کي روڪڻ لاءِ رڳو مسلسل فوجي دٻاءُ ئي مؤثر ٿي سگهي ٿو.
پنهنجي طاقت جي عروج تي سفارتڪارن کيس “آمريڪن وسپرر” (آمريڪا کي قائل ڪرڻ وارو) سڏيو، يعني اهو اسرائيلي اڳواڻ جيڪو هڪ فون ڪال ذريعي واشنگٽن جي حڪمت عملي کي اسرائيل جي سوچ سان هم آهنگ ڪري سگهي.
پر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٿيل عبوري معاهدي هن سڄي داستان کي الٽو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي نيتن ياهو واشنگٽن جي ايران پاليسي ٺاهڻ بدران ان کي قبول ڪرڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ٺاهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل جي اعتراضن کي وڌندڙ حد تائين رڪاوٽ طور ڏٺو پيو وڃي.
اڳوڻي آمريڪي عملدار ڊيسن روز موجب، ملڪي سطح تي به صورتحال نيتن ياهو لاءِ ڏکئي بڻجي وئي آهي. هو هڪ طرف جنگ ختم ڪرڻ چاهيندڙ آمريڪي صدر ۽ ٻي طرف رعايتن جي مخالفت ڪندڙ پنهنجي سياسي حمايتي بنياد جي وچ ۾ ڦاسي ويو آهي، خاص طور تي لبنان جي معاملي ۾. پوئتي هٽڻ سياسي ردعمل جو خطرو رکي ٿو، جڏهن ته ڇڪتاڻ وڌائڻ واشنگٽن سان ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
جنهن جنگ ذريعي نيتن ياهو پنهنجي سياسي ورثي کي مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿي، اها شايد هاڻي اهڙي تڪرار طور ياد ڪئي وڃي جيڪا سندس طاقت جي هڪ اهم بنياد کي ختم ڪري وئي. هو هاڻي عالمي سطح تي اڪيلو، پنهنجي ويجهي اتحادي جي پابندين هيٺ ۽ سرءُ جي چونڊن کان اڳ سياسي طور ڪمزور نظر اچي رهيو آهي.
ايران سان جنگ جي شروعات ۾ نيتن ياهو مڪمل فتح جو واعدو ڪيو هو، پر هو نه ايران جي حڪومتي نظام کي ڪمزور ڪري سگهيو، نه حزب الله کي شڪست ڏئي سگهيو ۽ نه ئي اتر اسرائيل جي رهواسين جي محفوظ واپسي يقيني بڻائي سگهيو.
نيتن ياهو جي اڳوڻي صلاحڪار اويو بُشنسڪي چيو: “آمريڪا-ايران معاهدو نيتن ياهو لاءِ هڪ فيصلائتو ڌڪ آهي. نه رڳو هو ايران سان جنگ هارائي چڪو آهي، پر هن ٽرمپ جهڙو دوست به وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي هو نه فقط عالمي سطح تي اڪيلو آهي، پر ٽرمپ سان به وڏي اختلاف ۾ ڦاٿل آهي.”
نيتن ياهو جي آفيس تبصرو ڪرڻ جي درخواست جو جواب نه ڏنو. هن مهيني هڪ پريس ڪانفرنس دوران اسرائيلي وزيراعظم چيو ته سندس ۽ ٽرمپ جو تعلق اهڙن ساٿين جهڙو آهي، جيڪي “گهڻين ڳالهين تي متفق ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به ڪندا آهن.” هن چيو ته ايران ۽ ان جي اتحادي گروهن خلاف اسرائيل جي “وڏين ڪاميابين” کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ لاءِ منظم مهم هلي رهي آهي.
وائيٽ هائوس جي هڪ عملدار چيو ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ اسرائيلي فوجون اهڙي جنگ ۾ “شاندار ساٿي” رهيون آهن، جنهن ايران جي فوجي صلاحيتن کي سخت نقصان پهچايو آهي.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ عملدار زور ڀريو ته آمريڪا جو اسرائيل جي سلامتي لاءِ “لوهو عزم” برقرار آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، خاص طور تي حزب الله خلاف، جنهن کي هن اسرائيلي شهرين لاءِ خطرو ۽ لبناني حڪومت کي ڪمزور ڪندڙ تنظيم قرار ڏنو. سندس چوڻ موجب، جيستائين اهو خطرو ختم نٿو ٿئي، اسرائيل کان لبنان مان مڪمل واپسي جي اميد نٿي رکي سگهجي.
هن اهو پڻ چيو ته لاڳاپن جي معمول تي آڻڻ ۽ علائقائي انضمام ٽرمپ انتظاميا جي اهم ترجيحن مان آهن.
عوامي تنقيد
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي قيادت جي وچ ۾ اختلاف رڳو ذاتي لاڳاپن تائين محدود نه آهن، پر ٻنهي جا مقصد به مختلف ٿي رهيا آهن. ٽرمپ وچ اوڀر جي هڪ ٻي جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته نيتن ياهو ايران ۽ حزب الله تي دٻاءُ جاري رکڻ کي اسرائيل جي سلامتي لاءِ ضروري سمجهي ٿو.
واشنگٽن سڌو سنئون تهران سان ڳالهيون ڪيون آهن، لبنان واري تڪرار کي هڪ وسيع فريم ورڪ ۾ شامل ڪيو آهي ۽ جنگبندي بابت اختلافن کي منظم ڪرڻ لاءِ نوان طريقا به ٺاهيا آهن. علائقائي سفارتي ذريعن موجب، انهن قدمن اسرائيل کي اهم فيصلن کان پري ڪري ڇڏيو آهي.
اهي ذريعا چون ٿا ته جيڪو ملڪ هڪ وقت نيتن ياهو کي ناگزير رابطو سمجهندو هو، اهو هاڻي کيس اهڙي معاهدي جي راهه ۾ رڪاوٽ طور ڏسي رهيو آهي، جنهن کي هو هر قيمت تي بچائڻ چاهي ٿو.
ٽرمپ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين تي کلي عام تنقيد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته نائب صدر جي ڊي وينس به خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل کي دنيا ۾ بچيل پنهنجي واحد طاقتور اتحادي خلاف نه وڃڻ گهرجي.
ٻن اسرائيلي عملدارن، جيڪي نيتن ياهو جي سوچ کان واقف آهن، چيو ته نيتن ياهو کي اهو خدشو ناهي ته ٽرمپ ۽ وينس جا عوامي بيان آمريڪي پاليسي ۾ ڪا بنيادي تبديلي آڻيندا، جهڙوڪ هٿيارن جي فراهمي ۾ دير.
ٽرمپ واضح ڪري چڪو آهي ته هو آمريڪي مفادن لاءِ اسرائيلي ترجيحن کي به نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو: “جيڪڏهن مان نيتن ياهو کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ چوان، ته هو اهو ڪري ٿو.”
ريپبلڪن حمايت جي گهٽتائي
علي واعظ موجب ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ ڪا فوجي ڪارروائي ڪري ٿو، ته تهران ان کي ٽرمپ جي سفارتڪاري کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش طور پيش ڪندو، جنهن سان وائيٽ هائوس کي پنهنجي اتحادي جي حمايت يا معاهدي جي حفاظت مان هڪ چونڊڻو پوندو.
آمريڪي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو جي پوزيشن ان ڪري به ڪمزور ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجو اهم سياسي “حفاظتي ڄار” وڃائي ڇڏيو آهي.
هو سالن تائين ريپبلڪن حمايت تي ڀاڙيندو رهيو ۽ ان کي ڊيموڪريٽ حڪومتن سان اختلافن جو توازن بڻائيندو رهيو. هن 2015ع ۾ اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي ايران جوهري معاهدي تي به ڪانگريس ۾ کلي تنقيد ڪئي هئي.
پر هاڻي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ريپبلڪن پارٽي نيتن ياهو خاطر ٽرمپ کان الڳ نه ٿيندي.
ان پسمنظر ۾ آمريڪا-ايران معاهدي جا اثر نيتن ياهو جي بنيادي حڪمت عملي تي به پون ٿا. هن پنهنجي سياسي مستقبل کي ٻن مقصدن سان ڳنڍيو هو: ايران جي مذهبي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ، ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا معمول تي آڻي ابراهيمي معاهدي کي وڌائڻ.
پر انهن مان ڪو به مقصد حاصل نه ٿي سگهيو. ايراني قيادت وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون آئي آهي، جڏهن ته سعودي عرب سان لاڳاپن جو خواب اڃا پورو نه ٿيو آهي.
علائقي ۾ هاڻي نئين ترتيب واضح نظر اچي رهي آهي. اهي ملڪ، جن کي نيتن ياهو اسرائيل جي ويجهو آڻڻ چاهيو ٿي، خاص طور تي سعودي عرب، هاڻي وڌيڪ محتاط رويو اختيار ڪري رهيا آهن. اهي اسرائيل سان معمول جا لاڳاپا سست ڪري رهيا آهن ۽ ساڳئي وقت تهران سان رابطا بحال ڪري رهيا آهن.
خليجي ذريعن موجب، ابراهيمي معاهدن جي بنيادي منطق غزه جي جنگ، اولهه ڪناري جي الحاق واري تڪرار ۽ ان تاثر سبب ڪمزور ٿي وئي آهي ته نيتن ياهو جو اسرائيل شايد نئين علائقائي نظام ۾ فائدي کان وڌيڪ بار ثابت ٿئي.
هڪ ايراني عملدار چيو ته نيتن ياهو جي ابراهيمي معاهدن کي وڌائڻ واري ڪوشش کي سخت ڌڪ رسيو آهي ۽ هاڻي ڪيترائي ملڪ ايران سان ويجهي فريم ورڪ ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو: “هي صرف ايران جي فتح ناهي، پر نيتن ياهو جي ناڪامي پڻ آهي. اسلامي جمهوريه نه رڳو زندهه رهي آهي، پر هاڻي علائقي ۾ وڌيڪ اثرائتي قوت بڻجي اڀري آهي.” (هي مضمون رائٽرز جي بيروت ۾ نمائندي جو آهي، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ايڊيٽر)










