برجن اسٽاڪ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، اسلام آباد مفاهمتي ياداشت (MoU) تي دستخط جي تسلسل ۾ اڄ برگن اسٽاڪ، سوئٽزرلينڊ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير به موجود هو. سي اين اين موجب آمريڪا، ايران، پاڪستان ۽ قطر جا وفد نئين مرحلي جي ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ پهچي چڪا آهن. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته سندس اهم ترين ترجيحن ۾ ڳالهين جي ڍانچي کي ترتيب ڏيڻ، ايران جي جوهري پروگرام بابت معاملن ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ، ۽ لبنان ۾ جنگبندي ڪرائڻ شامل آهن۔ لبنان ۾ اعلانيل جنگبندي باوجود، اسرائيل ۽ ايران جي حمايت يافته هٿياربند تنظيم حزب الله وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جون خبرون مليون آهن، جيڪي موجوده تڪرار دوران سڀ کان وڌيڪ خونريز واقعن ۾شمار ڪيا پيا وڃن۔ اهي ڳالهيون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن جڏهن آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز مان جهازن جي اچ وڃ “اڃا تائين جاري آهي”، جڏهن ته ايران ڪالهه دعويٰ ڪئي هئي ته هن لبنان ۾ اسرائيلي جنگبندي ڀڃڪڙين ۽ آمريڪا طرفان ٻنهي ڌرين جي معاهدي جي پهرين شق تي عمل نه ڪرڻ سبب هن اهم سامونڊي گذرگاهه کي بند ڪري ڇڏيو آهي. اڄ آچر تي به اسرائيل جا حملا جاري آهن ۽ راشديه ڪيمپ تي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ ٻار به شامل آهن.
منجمد اثاثن ۽ پابندين ۾ رعايت تي بحث ٿيو، هڪ تجويز جي ڊرافٽ تي اتفاق ٿيو، ايران
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ڪندڙ ايراني ٽيم جي ميمبرحسين گربانزاده سرڪاري ٽيليويزن کي ٻڌايو: “اڄوڪين ڳالهين دوران اسان پنهنجي منجمد اثاثن ۽ انهن جي آزاد ڪرائڻ جي انتظامن بابت تفصيلي بحث ڪيو.” هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين جو وڏو حصو ايران جي توانائي واري شعبي سان لاڳاپيل پابندين ۾ رعايت ڏيڻ تي مرڪوز رهيو. گربانزاده موجب: “سوئٽزرلينڊ ۾ اسان تيل ۽ ان جي شين تي لاڳو پابندين مان عارضي استثنا (رعايت) بابت ڳالهايو، ۽ ان معاملي تي هڪ تجويز جي حتمي مسودي کي به مڪمل ڪيو ويو آهي.” هن جو چوڻ هو ته اهو مسودو ايران جي توانائي ۽ تيل جي شعبي سان لاڳاپيل پابندين ۾ ممڪن نرمي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي۔
هرمز ٻيهر بند ٿيڻ جو ذميوار ڊونلڊ ٽرمپ آهي، جرمن وزير دفاع
جرمني جي بچاءَ واري وزير بورس پسٽوريس هرمز جي بندش جو ذميوار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي قرار ڏنو آهي۔ پِسٽوريس جرمن نشرياتي اداري ARD سان هڪ انٽرويو ۾ چيو: “آخرڪار، آبنائي هرمز جي هن تنگ سامونڊي رستي ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ ڊونلڊ ٽرمپ بڻيو، اسان نه. پر اسان جي دلچسپي اها آهي ته اها رڪاوٽ ٻيهر ختم ڪئي وڃي.” تهران، ٽرمپ ۽ سندس ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٿيل هڪ ابتدائي معاهدي تحت آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ تي راضي ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ سامونڊي واپار ۽ جهازن جي اچ وڃ آهستي آهستي بحال ٿيڻ لڳي هئي۔ پر ڇنڇر ڏينهن ايران اعلان ڪيو ته هو لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب هن اهم سامونڊي گذرگاهه کي ٻيهر بند ڪري رهيو آهي۔ پِسٽوريس وڌيڪ چيو: “آبنائي هرمز کي کولڻ، يا وڌيڪ صحيح لفظن ۾ ان مان محفوظ گذر کي يقيني بڻائڻ، يورپ جي مفاد ۾ آهي. اهو اسان جي توانائي جي فراهمي ۽ معاشي بحالي لاءِ انتهائي اهم آهي.”
صدر ٽرمپ جي ڌمڪين تي ايران جو احتجاج، ٻئي دور جي ڳالهين کان انڪار، ڀرپور جواب جو اعلان
ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا جي ڌمڪين کي رد ڪندي ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته تهران جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔ غاليباف ايڪس (X) تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو: “ڇا اهي پاڻ کان اهو نٿا پڇن ته جيڪڏهن سندن ڌمڪين جو ڪو اثر هجي ها ته هو اڄ هن بي وسي واري حالت تائين نه پهچن ها؟ اسان آمريڪي ڌمڪين کي ڪا اهميت نٿا ڏيون.” هن وڌيڪ چيو: “انهن کي پنهنجن بيانن بابت احتياط ڪرڻ گهرجي. اسان جون هٿياربند فوجون مختلف انداز ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اهي ڀلي ڪجهه به چون، عمل ته اسان ئي ڪنداسين.” هن آمريڪا جي “بيوسي” تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ اڄ سوئٽزرلينڊ ۾ ڳالهيون ڪندڙ ايراني وفد کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا آبنائي هرمز تي “قبضو” ڪري سگهي ٿو۔ هن چيو: “اسان آمريڪين جي ڌمڪين کي هرگز سنجيدگي سان نٿا وٺون. انهن لاءِ بهتر آهي ته هو پنهنجن لفظن ۾ احتياط ڪن. اسان جون هٿياربند فوجون کين مختلف انداز ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اهي ڀلي ڪيترو به ڳالهائين، عمل اسان ئي ڪندا آهيون.”
ايران معاهدو نه ڪيو ته هرمز جو ڪنٽرول آمريڪا حاصل ڪندو، ٽرمپ جي ڌمڪي
صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ڪو معاهدو نه ٿي سگهيو ته آمريڪا شايد هرمز “پنهنجي قبضي ۾ وٺي سگهي ٿو”، ۽ هن سوئٽزرلينڊ ۾ ڳالهين ۾ شامل ايراني وفد کي به ڌمڪي ڏني آهي۔ ٽرمپ فاڪس نيوز سان 20 منٽن جي فون ڪال دوران چيو: “جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان آبنائي هرمز تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن هو معاهدو نه ڪندا ته اسان ٽيڪس وصول ڪنداسين.” ڇنڇر ڏينهن ايراني سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪيو هو ته ايران جي فوجي قيادت آبنائي هرمز بند ڪرڻ جو چيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس دعويٰ موجب لبنان ۾ اسرائيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ عارضي معاهدي جي پهرين شق تي “عملدرآمد نه ڪيو آهي.” فاڪس نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران ٽرمپ اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪا ايران ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ نائب صدر جي ڊي وينس سان ڳالهيون ڪندڙ ايراني نمائندن خلاف ٻيهر بمباري شروع ڪري سگهي ٿو۔ ٽرمپ چيو ته هن ايراني عملدارن کي هرمز بابت چيو: “جيڪڏهن توهان ان کي بند ڪندا ته توهان وٽ ملڪ به نه رهندو. توهان پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس به نه پهچي سگهندا.” ٽرمپ ٻيهر چيو ته سندس خيال ۾ آمريڪا هرمز جو “نگهبان فرشتو” بڻجي سگهي ٿو ۽ ان مان گذرندڙ تيل جو 20 سيڪڙو حاصل ڪري سگهي ٿو۔ سي اين اين وڌيڪ وضاحت لاءِ وائيٽ هائوس سان رابطو ڪيو آهي ته هرمز تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ مان عملي طور ڇا مراد هوندي۔ ٽرمپ لبنان ۾ ايران جي حمايت يافته گروهن بابت به ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏيندي آچر جي صبح پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکيو: “ايران کي فوري طور تي لبنان ۾ پنهنجي انهن تمام گهڻي پگهار وٺندڙ حامين کي روڪڻ گهرجي، جيڪي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسان ايران تي ٻيهر تمام سخت حملو ڪنداسين، بلڪل جيئن گذريل هفتي ڪيو هو، پر ان کان به وڌيڪ سخت!”
ٽرمپ مسئلو حل ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، گذريل چند ڪلاڪن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وينس
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ“سڄي خطي ۾ مڪمل جنگبندي” لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران لبنان ۾ جنگبندي برقرار رکڻ جي حوالي سان وڏي اڳڀرائي ٿي آهي۔ وينس موجب، اهڙيون جنگبنديون هميشه “ٿوريون پيچيده” هونديون آهن۔ هن چيو ته فني سطح جون ڳالهيون شايد هر اختلاف کي حل نه ڪري سگهن، پر اهي اسان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيم طور گڏ ويهڻ جو موقعو فراهم ڪنديون۔ وينس علائقائي بيچيني جو ذميوار ايران کي قرار ڏيندي چيو ته اهو “علائقائي عدم استحڪام جو اهم ڪارڻ” رهيو آهي، پر هن اهو به چيو ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران “تمام سٺي” اڳڀرائي ٿي آهي۔ هن چيو ته هاڻي ٻنهي ملڪن کي هڪ اهڙو “گڏيل مستقبل” نظر اچي رهيو آهي، جتي سڀئي گڏجي امن ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهن ٿا۔ وينس وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ اسان کي هدايت ڪئي آهي ته “هڪ نئون باب کوليون” ۽ ايران جي عوام سان لاڳاپن کي نئين رخ ڏيون۔ سوئٽزرلينڊ ۾ جاري ڳالهين دوران لائيو پريس ڪانفرنس ۾ وينس چيو ته آمريڪي صدر “اسان کي ڪيترن ئي مسئلن جو سفارتي حل ڳولڻ لاءِ مڪمل اختيار ڏنا آهن”۔ هن وڌيڪ چيو: “اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان وچ اوڀر ۾ لاڳاپن کي مستقل طور تبديل ڪري سگهون ٿا؟”
اميد آهي ته هي ملاقات مثبت ۽ ڪارائتا نتيجا ڏيندي، وزيراعظم
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس “دور انديشي ۽ انتهائي متحرڪ قيادت” جي نتيجي ۾ هي ملاقات ممڪن ٿي سگهي آهي۔ شهباز شريف چيو: “مون کي يقين آهي ته هتي تمام سٺيون ڳالهيون ٿينديون، جيڪي مستقبل ۾ اميد آهي ته انتهائي مثبت ۽ ڪارائتا نتيجا ڏينديون.” ساڳئي وقت، سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين واري هنڌ تي آمريڪي وفد جي ميمبرن جي اجلاس واري ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جا منظر ڏٺا، جتي هنن پاڪستاني ثالثن سان هٿ ملايا۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جي کاٻي پاسي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيرشيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الٿاني بيٺل هئا، جڏهن ته ساڄي پاسي نائب صدر جي ڊي وينس موجود هو۔
امن معاهدو دنيا جي معيشت لاءِ تمام اهم آهي، قطر
قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني، وينس ۽ شهباز شريف سان گڏ ڳالهائيندي، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي ڪوششن کي ساراهيو۔ هن چيو: “منهنجو خيال آهي ته توهان سڀني واضح ڪيو آهي ته هي قدم ڪيترو اهم ۽ تاريخي آهي، نه رڳو علائقي جي سلامتي لاءِ، پر سڄي دنيا جي سلامتي ۽ عالمي معيشت لاءِ پڻ.” هن وڌيڪ چيو: “مان توهان سڀني جي قيادت ۽ عزم جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن اسان کي هن ڪمري ۾ گڏ ڪيو آهي۔ هي اصل جشن نه آهي، بلڪه رڳو شروعات آهي۔ مان سڀني لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو۔ قطر هن شراڪتداري سان آخر تائين وابسته رهندو ۽ ثالثي جي هن عمل جي حمايت جاري رکندو، جيستائين اسان ڪنهن حتمي حل تائين نه پهچون.”
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪمال جي سفارتڪاري ڪئي آهي، وينس
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڳالهين واري ڪمري ۾ ابتدائي ريمارڪس ۾ پاڪستان جي وزايراعظم شهباز ڊريف ۽ فيلڊ مارشل جي تعريف ڪندي چيو ته اسانجي هتي گڏجڻ ۾ هنن جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم جي سفارتڪاري واري هنر مندي واکاڻ جوڳي آهي. هن چيو ته مان گذريل ٽن مهينن ۾ ڪنهن به شخص سان ايترا ڀيرا فون تي ناهي ڳالهايو جيترا ڀيرا فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڳالهايو آهي. هي آهي ته فوجي پر سفارتڪاري جون ڪوششون به ڪمال جون آهن. هن چيو ته پاڪستان، قطر، آمريڪا ۽ ايران جا اڳواڻ هتي امن لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هرمز کليل رهي، لبنان ۾ جنگبندي ٿئي ۽ دنيا جي معيشت متاثر نه ٿئي. ڳالهين واري ڪمري ۾ قاليباف ۽ عراقچي موجود هئا پر هو ابتدائي ڪلمات وقت فريم ۾ نه آيا، هنن لائيو ڪوريج دوران آمريڪي وفد سان هٿ به نه ملايو.
سفارتڪاري جي ڪاميابي کي موقعو ملڻ گهرجي، گروسي
گڏيل قومن جي جوهري نگراني واري اداري انٽر نيشنل اٽامڪ انرجي ڪميشن جي سربراهه اڄ سوئٽزرلينڊ جي جبل جي ٽاپ تي واقع تفريحي ماڳ برجن اسٽاڪ تي سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزيراگنازيو ڪيسس سان ملاقات ڪئي، جنهن بابت هن ايڪس (X) تي پوسٽ ڪئي۔ IAEA جي ڊائريڪٽر جنرل رفائيل گروسي چيو ته هن سوئس پرڏيهي وزير سان “ايران بابت تازين پيش رفتن، اڳتي وڌڻ جي رستي ۽ IAEA جي اهم ڪردار” تي خيال ونڊيو۔ هن لکيو: “هن نازڪ مرحلي تي اهو انتهائي ضروري آهي ته سفارتڪاري کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ هر ممڪن موقعو فراهم ڪيو وڃي.”
غزه ۾ الجزيره جي ڪيمرا مين سميت 6 ڄڻا قتل
غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ الجزيره جو هڪ ڪيمرا مين ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻار به شامل آهي، صحت عملدارن ۽ امدادي ڪارڪنن ٻڌايو آهي۔ الجزيره چيو آهي ته هو پنهنجي نمائندي احمد وشاح جي “نشانو بڻائي قتل ڪرڻ واري هن سنگين جرم جي سخت مذمت ڪري ٿو”. احمد وشاح ڇنڇر ڏينهن مرڪزي غزه ۾ هڪ گهر تي ٿيل حملي ۾ مارجي ويو هو۔ اسرائيلي فوج (IDF) احمد وشاح تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته هو “حماس جي فوجي ونگ جو هڪ ويڙهاڪ هو، جيڪو سنائپر آپريٽو طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو”. غزه جي حماس جي انتظام هيٺ هلندڙ صحت واري وزارت، جنهن جي انگن اکرن کي گڏيل قومون قابلِ اعتماد سمجهن ٿيون، جو چوڻ آهي ته گذريل آڪٽوبر ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي فوج 1,007 ماڻهن کي قتل ڪري چڪي آهي۔ الجزيره پنهنجي بيان ۾ چيو ته احمد وشاح جو قتل “بين الاقوامي قانونن ۽ ضابطن جي هڪ نئين ۽ کليل ڀڃڪڙي آهي، ۽ اهو صحافين کي نشانو بڻائڻ ۽ سچ جي آواز کي خاموش ڪرڻ واري مسلسل منظم پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو.”
حزب الله سان جنگ بندي جي باوجود لبنان تي اسرائيلي حملا جاري، گذريل ڏينهن جي حملن ۾ 20 ڄڻا شهيد
حزب الله سان جنگ بندي جي باوجود لبنان تي اسرائيلي حملا جاري آهن، 20 جون جي حملن ۾ 20 ڄڻا جاني بحق (شهيد) ٿيا، جنهن کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي فوج کي ڏکڻ لبنان ۾ حملا روڪڻ جو حڪم ڏنو. اسرائيلي ميڊيا موجب نيتن ياهو اهو فيصلو آمريڪا سان مشاورت کانپوءِ ڪيو. ان کان اڳ اسرائيل لبنان تي حملا ڪيا ۽ ايران جواب ۾ هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) بند ڪري ڇڏي هئي. ايراني خاتم الانبياءِ برگيڊ چيو ته هرمز جي پٽي کي آمريڪا ايران مفهمتي ياداشت جي خلاف ورزي تي بند ڪيو ويو، اهو پهريون قدم آهي، جيڪڏهن جارحيت جاري رهي ته وڌيڪ قدم کڻنداسين. ٻئي طرف آمريڪي سينٽ ڪام جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران هرمز جي پٽي کي ڪنٽرول نٿو ڪري، اتي بحري اچ وڃ جاري آهي ۽ آمريڪي فوجون ان جي نگراني ڪري رهيون آهن.
ميناب جي مظلوم ٻارن ۽ شهيدن کي پنهنجي ڪمن جو گواهه سمجهان ٿو: باقر قاليباف
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف مذاڪرات ڪار محمد باقر قاليباف سوئٽزرلينڊ پهچڻ تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ميناب جا معصوم ٻار ۽ ايران جا ٻيا سڀئي شهيد مذاڪرات دوران اسان جي عملن ۽ روين کي ڏسي رهيا آهن ۽ اسان مان اميدون وابسته ڪري ويٺا آهن. ايراني چيف مذاڪرات ڪار وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته هو شهيدن ۽ ايراني عوام جي سامهون شرمندگي جو باعث نه بڻجندو، دعا آهي ته عزت سان پنهنجن انهن دوستن سان وڃي ملان جن جو بي صبري سان انتظار آهي.
آمريڪا سان مذاڪرات: ايراني وفد باقر قاليباف جي سربراهي ۾ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو
ايراني ميڊيا موجب وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي، ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جو عهديدار علي باقري، ايراني مرڪزي بئنڪ جو گورنر عبدالناصر همتي، ڪاظم غريب آبادي ۽ اسماعيل بقائي شامل آهن.
جنگ بندي جي عرسي ۾ 60 ڏينهن تائين هرمز جي پٽي ۾ ڪو به ٽيڪس نه هوندو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته جنگ بندي جي عرسي دوران 60 ڏينهن تائين هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) ۾ ڪو به ٽيڪس نه هوندو، ايترو ئي نه پر 60 ڏينهن جي مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ به ڪو ٽول (ٽيڪس) نه هوندو، ٽولز صرف آمريڪا جي حق ۾ ۽ آمريڪا پاران لاڳو ڪري سگهجن ٿا. صدر ٽرمپ آمريڪا کي وچين اوڀر (مشرقِ وسطى) جي ملڪن لاءِ هڪ نگهبان فرشتو قرار ڏيندي چيو ته معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪا وچين اوڀر جي سڪيورٽي خرچن جي بدلي ٽول لاڳو ڪري سگهي ٿو.
اسرائيل جو لبنان ۾ هڪ ٻئي فوجي جي مارجي وڃڻ جو اعتراف
اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجي هڪ ٻئي فوجي جي مارجي وڃڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حزب الله سان جنگ بندي نافذ ٿيڻ کان وٺي هينئر تائين پنج فوجي مارجي چڪا آهن، ان کان اڳ 4 فوجي حزب الله سان جهڙپن ۾ مارجي ويا هئا.










