مفاهمتي ياداشت تي آمريڪا ۽ ايران صحيحون ڪري ڇڏيون: ٽرمپ/ جي ڊي وينس

مفاهمتي ياداشت تي آمريڪا ۽ ايران صحيحون ڪري ڇڏيون: ٽرمپ/ جي ڊي وينس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي طرفان صدر ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس صحيحون ڪيون. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته جيڪڏهن ايران معاهدي تحت پنهنجي ذميوارين ۽ واعدن جي مڪمل پاسداري ڪري ٿو ته کيس 300 ارب ڊالر جي تعميراتي فنڊ مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي جي ڊي وينس چيو ته تجويز ڪيل تعميراتي فنڊ خليجي اتحادي ملڪن جي طرفان فراهم ڪيو ويندو ۽ ايران جي ان تائين رسائي معاهدي تي عملدرآمد سان مشروط هوندي.هن واضح ڪيو ته ايران پاران معاهدي جا شرط پورا ڪرڻ جي صورت ۾ هي فنڊ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي منصوبن لاءِ استعمال ڪري سگهبو. آمريڪي نائب صدر وڌيڪ چيو ته ايران جي 24 ارب ڊالر جي منجمد اثاثن جي بحالي مفاهمتي معاهدي جي موجوده مسودي جو حصو ناهي. جي ڊي وينس جو چوڻ هو ته معاهدي تي عملدرآمد ۽ مستقبل جي قدمن جو دارومدار ايران پاران ڪيل واعدن جي پاسداري ۽ اعتماد سازي تي هوندو….هوڏانهن  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ ايران سان طئي ٿيل معاهدي کي هڪ عظيم معاهدو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي سڄي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندو. پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ماضي ۾ ڪيترائي صدر ايران سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ناڪام ويا، پر سندس موجب موجوده اڳڀرائي پهريون ڀيرو حقيقي امن ڏانهن عملي قدم آهي.هن چيو ته معاهدي تحت هرمز جي پيچري کي باضابطه طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن بحري آمدورفت ۽ عالمي واپار بحال ٿي سگهي. ٽرمپ چيو ته هرمز جو پيچرو جمعي تي جنگ بندي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ کلي ويندو.

هرمز مان “جهاز گذرڻ شروع ٿي ويا آهن” ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هرمز مان مان “جهاز هلڻ شروع ٿي ويا آهن” ۽ “انهن مان ڪيترائي تيل سان ڀريل آهن”۔ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو: “اهي ڏاکڻي سامونڊي رستي ذريعي گذري رهيا آهن، جيڪو مڪمل طور محفوظ ۽ صاف سٿرو آهي.” هن آبنائي ۾ موجود هڪ سامونڊي لنگهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته “سفر لاءِ ٻيا رستا به موجود آهن”، پر هن ان بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا۔

ايران ۽ عمان هرمز مان گذرندڙ جهازن کان فيس وصول ڪندا، بقائي

ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اشارو ڏنو آهي ته هرمز جي آبنائي مان گذرندڙ جهازن تي “فيس” لاڳو ٿي سگهن ٿيون۔ هن هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو: “هرمز اسان لاءِ تمام اهم آهي، ۽ اسان بين الاقوامي قانون جي مطابق ايران جي قومي سلامتي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي تحفظ لاءِ ڪجهه طريقا اختيار ڪيا آهن۔” هن وڌيڪ چيوته: “اسان جو مقصد هن سامونڊي رستي مان محفوظ آمدرفت کي يقيني بڻائڻ آهي۔ ان اهم معاملي تي ٻين ڌرين سان ڳالهه ٻولهه لاءِ اسان کي ڪجهه وقت گهرجي۔”  بقائي تصديق ڪئي ته “فيون” ورتيون وينديون۔ هن چيو: “ماحولياتي تحفظ ۽ ان جي سار سنڀال لاءِ مڪمل خدمتون فراهم ڪيون وينديون۔ ايران ۽ عمان طرفان ٻيون به ڪيتريون خدمتون ڏنيون وينديون، جن تي خرچ ايندو۔ تنهن ڪري فيون لاڳو هونديون، ۽ اها ڳالهه واضح آهي۔”

معاهدي بعد اسرائيل لبنان خالي ڪري ۽ قيدي آزاد ڪري، نواف سلام

لبنان جي وزيراعظم نواف سلام آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي جي اعلان کان پوءِ چيو آهي ته سندس ملڪ “اسان جي زمينن تان اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي ۽ اسان جي قيدين جي آزادي” لاءِ ڪوششن کي ٻيڻو ڪندو۔ سلام هڪ بيان ۾ چيو ته هو اميد رکي ٿو ته هي معاهدو “هن جنگ کي ختم ڪرڻ، قتل و غارت، تباهي، بي گهر ٿيڻ ۽ لبناني عوام تي مڙهيل سڀني ڏکن ۽ المين کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيندو”۔ هن ان نتيجي تائين پهچڻ ۾ حصو وٺندڙ “سڀني ڌرين” جو شڪريو ادا ڪيو۔ هن وڌيڪ چيو: “اسان اميد رکون ٿا ته اسان جا ماڻهو جلد کان جلد محفوظ ۽ باوقار نموني پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن موٽي سگهندا، ۽ اسان پنهنجي ڀائيوارن سان گڏجي بحالي ۽ تعمير نو لاءِ گهربل ضرورتون پوريون ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪنداسين۔”

اسرائيل، آمريڪا جي تابع ناهي، لبنان جو قبضي ڪيل علائقو خالي نه ڪنداسين، اتمار

اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر سان لاڳاپيل قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوئر  چيو آهي ته اسرائيل “آمريڪا جو تابع نه آهي”. هن ايڪس (X) تي لکيو: “اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم آهيون”، ۽ وڌيڪ چيو: “اسان هن معاهدي جا ڀائيوار نه آهيون، ڇاڪاڻ ⁠ته اهو اسان جي سلامتي جي ضمانت نٿو ڏئي، ۽ نه ئي اهو ڪنهن به صورت ۾ اسان تي لاڳو ٿئي ٿو.” وزير وڌيڪ چيو: “اسان کي حزب الله جي مڪمل خاتمي کان گهٽ ڪنهن به ڳالهه تي سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي ڪنهن به اهڙي علائقي مان واپس نه هٽڻ گهرجي، جيڪو اسان جي فوج قبضي ۾ وٺي دهشتگردي جي ڍانچي کان پاڪ ڪيو آهي. اسان کي ٻيهر اهڙي صورتحال ڏانهن نه موٽڻ گهرجي، جتي هزارين دهشتگرد اترين آبادين جي سرحدي باڙن وٽ ويٺا هجن، ۽ يقيناً اسرائيل رياست تي ڪيل ڪنهن به فائرنگ جي سامهون هڪ لمحي لاءِ به خاموش نه رهڻ گهرجي.”

سينيئر آمريڪي عهديڊار پاران ڳالهين کان اڳ منجمد ٿيل فنڊ جاري ڪرڻ واري ايراني دعويٰ کي گمراهه ڪندڙ قرار
سينيئر آمريڪي عهديڊار ايران پاران آمريڪا جي طرفان منجمد ٿيل فنڊ جاري ڪرڻ واري دعويٰ کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي عهديڊار موجب، ايران اها دعويٰ ڪئي هئي ته سندس 12 ارب ڊالر ڳالهين کان اڳ غير مشروط طور تي جاري ڪيا ويندا.

الله جي حڪم سان آمريڪا ۽ اسرائيل کي عبرتناڪ شڪست ٿي: خاتم الانبياء هيڊڪوارٽرز
خاتم الانبياء هيڊڪوارٽرز ايراني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله جي حڪم سان آمريڪا ۽ اسرائيل کي عبرتناڪ شڪست ٿي، ايراني قوم جي مرضي دشمن تي مڙهي وئي آهي، اسان هٿياربند فوج ۽ مزاحمت ڪندڙن (مقاومت) جي ثابت قدمي کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا.

ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران حتمي جوهري معاهدي تائين نه پهتو ته هو ٻيهر حملو ڪندا: آمريڪي اخبار
آمريڪي اخبار ”نيويارڪ ٽائمز“ موجب، ايران سان معاهدو اسرائيلي وزيراعظم جي مخالفت جي باوجود طئي ٿيو. اخبار موجب، صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان معاهدي تحت هرمز جو پيچرو (آبنائي هرمز) ٽول فري هوندو. ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران حتمي جوهري معاهدي تائين نه پهتو ته هو ٻيهر حملو ڪندا.

ايراني قومي سلامتي ڪائونسل ايران آمريڪا يادداشت نامي جي متن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي
ايراني قومي سلامتي ڪائونسل پاران چيو ويو آهي ته لبنان سميت فوجي ڪارروايون اڄ رات کان فوري ۽ مستقل طور تي ختم ٿينديون، معاهدي تي صحيحون 19 جون تي ٿينديون، جڏهن ته ايران خلاف بحري ناڪابندي فوري ۽ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي.

برطانيه، فرانس، جرمني ۽ اٽلي پاران آمريڪا ايران يادداشت نامي جو خيرمقدم
4 يورپي ملڪن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، واضح ۽ تصديق جوڳن قدمن تي ايران تان پابندين ۾ نرمي ڪئي ويندي. هرمز جي پيچري (آبنائي هرمز) جو فوري ۽ غير مشروط طور کلڻ ضروري آهي. يورپي ملڪن لبنان جي خودمختاري ۽ استحڪام جي مڪمل حمايت جو به ورجاءُ ڪيو.

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 14 نڪاتي يادداشت نامي جي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا
ايراني خبرون ڏيندڙ ائجنسي موجب، مسودي تحت آمريڪي بحري ناڪابندي 30 ڏينهن اندر ختم ڪئي ويندي، ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل برآمدات تان پابنديون معطل ڪرڻ به مسودي ۾ شامل آهي. مسودي ۾ لبنان سميت سمورن محاذن تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي به شامل آهي. آمريڪا ۽ اتحادين کي ايران جي ٻيهر تعمير (تعميرِ نو) لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب ڊالر ڏيڻا پوندا. حتمي معاهدي ۾ ايران جو ميزائل پروگرام ۽ مزاحمتي گروهن جي حمايت شامل ناهي. ڳالهين دوران ايران جا 24 ارب ڊالر منجمد اثاثا جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته ڳالهين کان اڳ ئي آمريڪا ايران جا منجمد ٿيل 12 ارب ڊالر جاري ڪندو. حتمي ايران آمريڪا معاهدي جي توثيق سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ (قرارداد) ذريعي ڪرڻ به مسودي ۾ شامل آهي.

برطانيه پاران ايران آمريڪا معاهدي جو خيرمقدم، ثالثي واري ڪردار تي پاڪستان جي تعريف
برطانوي وزيراعظم آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جو خيرمقدم ڪندي ان کي خطي ۾ جنگ جي خاتمي ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته هو ان معاهدي جو گرمجوشي سان خيرمقدم ڪري ٿو، جنهن تحت ٻنهي ڌرين ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ مختلف محاذن تي فوجي ڪارروايون روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هرمز جي پيچري (آبنائي هرمز) کي ٻيهر ڪولڻ جي فيصلي کي عالمي معيشت ۽ توانائي جي رسد (ترسيل) لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. برطانوي وزيراعظم آمريڪا ايران معاهدي لاءِ ثالثي واري عمل ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن پاڪستان، قطر ۽ ٻين کي ساراهيو.

سپريم ليڊر جي قيادت ۾ ايراني عوام آمريڪا کي چٽو پيغام ڏنو ته شڪست قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: اعليٰ عسڪري قيادت
ايران جي اعليٰ جوائنٽ فوجي ڪمانڊ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سپريم ليڊر جي قيادت ۾ ايراني عوام آمريڪا کي اهو چٽو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته شڪست قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي. ايراني فوجي ڪمانڊ موجب، موجوده علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۾ ايران جي پوزيشن مضبوط ٿي آهي ۽ ملڪ مختلف محاذن تي پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي اثرائتي انداز ۾ ثابت ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني عوام ۽ هٿياربند فوج گڏجي ٻاهرين دٻاءُ جو مقابلو ڪيو آهي، ۽ ايران جي قيادت موجب ملڪ پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختاري تي ڪو به سمجھوتو نه ڪندو.

قطر جي وزيراعظم پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ يادداشت نامي جو خيرمقدم
قطر جي وزيراعظم آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ يادداشت نامي (ايم او يو) جو خيرمقدم ڪندي چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته ايندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ڌرين جي شرڪت مثبت ۽ تعميري جذبي سان هجي.

ايران به آمريڪا سان امن معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي
ايران جي نائب پرڏيهي وزير چيو آهي ته آمريڪا سان مختلف محاذن تي جاري جنگ ۽ فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور ختم ڪرڻ جو اعلان اڄ رات کان شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ لبنان سميت ٻيا محاذ به شامل آهن. اڄ رات کان ايران خلاف آمريڪي بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ جو عمل به شروع ٿي ويندو. ايراني نائب پرڏيهي وزير موجب، ايران جي فوجي طاقت معاهدي جي متن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهين جو هڪ نئون مرحلو شروع ڪيو ويندو جيڪو 60 ڏينهن تي ٻڌل هوندو. ان 60 ڏينهن جي ڳالهين ۾ جوهري معاملن تي بحث ڪيو ويندو، پابنديون ختم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ ايران جي ٻيهر تعمير (تعميرِ نو) جو طريقو به زيرِ بحث ايندو. 60 ڏينهن جي ڳالهين واري عمل ۾ پابندين جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو؛ منجمد اثاثن جي بحالي، ناڪابندي ۽ جنگ جو خاتمو ٿيڻ تي ئي ڳالهين ۾ شامل ٿينداسين. ايراني نائب پرڏيهي وزير گڏوگڏ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاهدي جي پاسداري نه ڪئي وئي ته ايران سخت ردعمل ڏيندو. ايراني خبرون ڏيندڙ اداري ”تسنيم“ موجب، نائب پرڏيهي وزير چيو ته يادداشت نامي جي متن کي باضابطه صحيحن کانپوءِ جاري ڪيو ويندو، پر يادداشت نامي جو مطلب دشمن تي ڀروسو ڪرڻ ناهي.

ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل معاهدي بابت جلد بيان جاري ڪندي: ايجنسي
ايراني خبرون ڏيندڙ ائجنسي ”فارس“ رپورٽ ڪيو آهي ته ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل پاران آمريڪا سان معاهدي بابت جلد باضابطه بيان جاري ڪيو ويندو. فارس نيوز موجب، خليج ۾ بحري ٽرئفڪ کي ايندڙ وقت ۾ ايران ۽ عمان جي گڏيل سهڪار سان ريگوليٽ (منظم) ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ سامونڊي آمدورفت جي انتظام بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت بحري رستن جي نگراني ۽ انتظامي معاملن کي گڏيل انداز ۾ هلايو ويندو.

ايران آمريڪا کي امن معاهدو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو: ايراني سرڪاري ٽي وي
ايراني سرڪاري ٽي وي پاران ايران آمريڪا امن معاهدي تي تبصرو ڪندي چيو ويو آهي ته ايران آمريڪا کي امن معاهدو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

سڀني کي مبارڪون، ايران سان معاهدو مڪمل ٿي ويو: ڊونلڊ ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڊيل مڪمل ٿي وئي آهي. هن ان حوالي سان سڀني کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هرمز جي پيچري کي ٽول فري طور تي کوليو ويو آهي ۽ ايراني بندرگاهن تان آمريڪي بحري ناڪابندي هٽائي وئي آهي، دنيا ڀر جا جهازي ٻيڙا پنهنجيون سرگرميون شروع ڪن، تيل جي رسد بحال ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.

آمريڪا ايران سان معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو: آمريڪي اخبار جي دعويٰ
آمريڪي اخبار ”وال اسٽريٽ جنرل“ موجب، آمريڪا ايران سان معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، صدر ٽرمپ جلد باضابطه بيان جاري ڪندو. اخبار موجب، آمريڪي صدر چيو ته يا ته هو پاڻ يا نائب صدر جلي ڊي وائنس (JD Vance) اليڪٽرانڪ صحيحون ڪندا. معاهدي ۾ ايران پاران ائٽمي هٿيار نه ٺاهڻ ۽ هرمز جي پيچري کي فوري طور تي کولڻ واري شق شامل هوندي. آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ چيو ته ائٽمي مواد ڪڍڻ جي ڪا تڪڙ ناهي، اهو ڪم بعد ۾ به ٿي سگهي ٿو. آمريڪي صدر موجب ايران کي نقد رقم نه ڏني ويندي. ٽرمپ چيو ته ايران تي پابنديون ممڪن طور تي نرم ڪري سگهجن ٿيون.

اسرائيلي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، ٽرمپ نيتن ياهو کي ايران سان ممڪنه معاهدي بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.

اسان ڪنهن به طاقت اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين: ايراني صدر
ايراني صدر مسعود پيزشڪيان واضح ڪيو آهي ته اسان ڪنهن به طاقت اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، اسان پاڻ کي ايراني عوام اڳيان جوابده ۽ ذميوار سمجهون ٿا. هن قومي مفادن جي تحفظ تي غداري جا الزام لڳائڻ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب ذميواريون نڀائيندڙن کي نشانو بڻائڻ ناانصافي آهي، تنقيد ڪرڻ معاشري جو حق آهي پر شرافت جا تقاضا به ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو