ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير خوراڪ سنڌ مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ تازو ٿيل واڌ ۽ مارڪيٽ جي صورتحال بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ زون جي وفد چيئرمين جنيد عزيز جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، اٽي جي قيمتن، ذخيره اندوزي ۽ مصنوعي مهانگائي جي عنصرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري فوڊ غلام عباس نائچ، ڊائريڪٽر فوڊ الله ڊنو چنا، ايڊيشنل ڊائريڪٽر فوڊ خالد قائم خاني، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ زون جي چيئرمين جنيد عزيز، وائيس چيئرمين چوڌري عامر، حاجي محمد يوسف ۽ ٻين نمائندن پڻ شرڪت ڪئي۔ وزير خوراڪ سنڌ مخدوم محبوب الزمان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي سستو، معياري ۽ وافر اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ مصنوعي مهانگائي يا ذخيره اندوزي برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ واري معاملي تي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سان پڻ تفصيلي ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران وڏي وزير سنڌ صورتحال جو فوري نوٽيس وٺندي صوبي ۾ موجود ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ اسٽاڪ پوزيشن بابت مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي۔ مخدوم محبوب الزمان واضح ڪيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ يا شارٽ فال موجود ناهي ۽ نه ئي سپلاءِ جو ڪو بحران آهي، جڏهن ته ڪجهه عنصر مصنوعي طور قيمتون وڌائي عوام تي اضافي بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته عوام کي مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪندي پڪڙيو ويو ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ذخيرو ڪيل ڪڻڪ به ضبط ڪري سگهجي ٿي۔ وزير خوراڪ سنڌ چيو ته ذخيره اندوزي جو سڌو اثر عام ماڻهو تي پوي ٿو ۽ سنڌ حڪومت عوامي مفاد جي تحفظ لاءِ ڪنهن به دٻاءَ کانسواءِ فيصلا ڪندي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هميشه آبادگارن، هارين ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي ۽ ڪڻڪ جي شعبي ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ هارين کي ڊجيٽل ادائيگين جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن ڪرپشن ۽ استحصالي نظام جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي۔ اجلاس دوران پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ زون جي چيئرمين جنيد عزيز سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 155 تحت ڪڻڪ جي نقل و حمل تي پابندي لاڳو نه ڪري هڪ دانشمندانه ۽ عوام دوست فيصلو ڪيو، جنهن سان هارين، آبادگارن ۽ واپاري طبقي کي فائدو پهتو۔ هن چيو ته موجوده صورتحال جو هڪ وڏو سبب پنجاب ۾ ڪڻڪ جي نقل و حمل تي لاڳو پابنديون آهن، ڇاڪاڻ ته پنجاب ملڪ جي لڳ ڀڳ 76 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪري ٿو ۽ اتي هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۽ صوبي کان ٻاهر ڪڻڪ جي ترسيل تي پابندين سبب مارڪيٽ ۾ عدم توازن پيدا ٿيو آهي، جنهن جا اثر سڄي ملڪ ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن۔ وفد موقف اختيار ڪيو ته جيستائين ڪڻڪ جي آزاداڻي نقل و حمل جاري هئي، قيمتون مستحڪم هيون، پر پابندين کان پوءِ قيمتن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ ان موقعي تي وزير خوراڪ سنڌ مخدوم محبوب الزمان چيو ته تمام جلد ڪڻڪ جي دستيابي ۽ اسٽاڪ پوزيشن بابت تفصيلي رپورٽ حاصل ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت وڌيڪ ضروري فيصلا ڪندي۔ هن چيو ته ابتدائي اندازن موجب وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي۔ مخدوم محبوب الزمان ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت هر قيمت تي عوام کي رليف فراهم ڪندي، اٽي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ مصنوعي مهانگائي پيدا ڪندڙن خلاف بنا امتياز ڪارروائي جاري رکي ويندي۔










