گجرات ۾ مسلمانن کي زندهه ساڙيندڙ 17 انتها پسند آزاد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گجرات ۾ 2002 جي فسادن ۾ 33 مسلمانن کي زندهه ساڙيندڙ 17 انتهاپسندن کي سپريم ڪورٽ آزاد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته انهن سڀني انتهاپسند کي گجرات ۾ مسلم ڪُشي جو الزام ثابت ٿيڻ تي گجرات هاءِ ڪورٽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي جنهن خلاف هنن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ايس اي بوبڙي، جسٽس بي آر گوائي ۽ سورياڪانت تي مشتمل 3 رڪني بينچ ان درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته آزادي ملڻ کان پوءِ ان مجرمن مان ڪو به گجرات ۾ نه رهندو پر انهن کي مڌيا پرديش جي ٻن شهرن، جبل پور ۽ اندور ۾ رهڻو پوندو.  جڏهن ته عدالت پاران اهو به چيو ويو آهي ته آزادي ماڻيندڙ سڀئي ماڻهو هفتي ۾ 7 ڪلاڪ عوامي خدمت ڪندا ۽ مقامي پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي موجودگي جو اطلاع ڏيندا. ٻئي طرف اندور ۽ جبل پور ۾ ڊسٽرڪٽ ليگل سروسز اٿارٽي کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته آزاد ٿيندڙ ماڻهن لاءِ مناسب روزگار ڏنو وڃي ته جيئن اهي باعزت پنهنجي زندگي گذاري سگهن. ظاهري طور ان فيصلي ۾ گجرات جي مسلم فسادن ۾ سزا ڀوگيندڙ ماڻهن کي ضمانت ڏني وئي آهي پر حقيقت ۾ اها اهڙي آزادي آهي جنهن ۾ انهن تي پابنديون تقريبن نه هجڻ جي برابر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو