اسلام آباد ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو، 4 ڄڻا فوت، 5 سخت زخمي

اسلام آباد ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو، 4 ڄڻا فوت، 5 سخت زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي علائقي بهاره ڪهو اٺال چوڪ ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو.تيز رفتار گاڏي ٻن گاڏين ۽ ڪيترن ئي موٽرسائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي، واقعي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون.پوليس موجب، ٽڪر هڻندڙ گاڏي مري کان اسلام آباد اچي رهي هئي ۽ ان جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو. فوت ٿيل ماڻهن جا مڙهه (لاش) ۽ زخمين کي پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل گاڏي جي ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو