ريلوي وڌيڪ ڪرپٽ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ وزير جي طلبي

ريلوي وڌيڪ ڪرپٽ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ وزير جي طلبي

اسلام آباد (اياز مهر) پاڪستان ريلوي جي خساري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ريلوي کان وڌيڪ ڪرپٽ ڪو ٻيو ادارو ناهي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي م 3 رڪني بينچ سومر تي ٻڌڻي شروع ڪئي ريلوي اختيارين آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جوا ظهار ڪندي ان کي نامڪمل قرار ڏنو. عدالت چيو ته سڀني ادارن جو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ آهي ريلوي اڃا مينوئل رڪارڊ ٺاهي پئي.عدالت چيو ته سڄو کاتو سياست جي نظر آهي ڪو معاملو سڌو ناهي. عدالت چيو ته دنيا بلٽ ٽرين هلائي پئي اسان وٽ اڃا 18 هين صدي واري ريل پئي هلي. ڪا به شئي ٺيڪ ناهي، نه مسافر آهن نه مال گاڏي نه ٽريڪ ٺيڪ آهي نه سگنل جو نظام درست آهي. چيف جسٽس پڇو ريل ۾ جيڪا باهه لڳي هئي ان جو ڇا ٿيو ته ريلوي اهلڪارن ٻڌايو ته جاچ ۾ ٻن آفيسرن جي ڪوتاهي ثابت ٿيڻ تي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي آهي. عدالت چيو ته چلهي ۾ وڃي اوهان جي رپورٽ. جسٽس اعجازالحسن چيو ته ريلوي کي اربن جو خسارو آهي ان جو مطلب ريلوي نظام ٺيڪ ناهي. عدالت چيو ته سي اي او ڪٿي آهي، ڇو نه پيش ٿيو آهي؟ وڪيل چيو ته هو لاهور ۾ آهي ۽ عدالت نئين سي اي او کي طلب ڪو نه ڪيو هو. جنهن بعد عدالت وڌيڪ ڪاروائي اڱاري تائين ملتوي ڪندي ريلوي جي وزير، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو