عيدالاضحيٰ تي 3 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

عيدالاضحيٰ تي 3 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن جي سفري پريشانين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ريلويز سموري ملڪ ۾ 3 خصوصي ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب پهرين خصوصي ٽرين اڄ صبح جو 10 وڳي ڪوئٽه کان راولپنڊي جي لاءِ روانو ٿي وئي، اها ٽرين 8 اڪانومي بوگين ۽ هڪ پاور وين تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ مسافرن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اها ٽرين سبي، جيڪب آباد، سکر، ملتان ۽ لاهور کان گذري 24 مئي تي راولپنڊي پهچندي.انتظاميه ٽرينن جي وقت ۽ موثر آپريشن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. شيڊول موجب ڪراچي کان راولپنڊي سڌو سنئون ملتان، فيصل آباد ۽ سرگودها جي لاءِ ٻئي اسپيشل ٽرين 24 مئي تي هلندي، جڏهن ته انهي سلسلي جي آخري يعني ٽئين خصوصي ٽرين 25 مئي تي ڪراچي کان لاهور جي لاءِ رواني ڪئي ويندي.اهڙين ٽنهي اسپيشل ٽرينن ۾ 7 کان 8 ڪوچز شامل ڪيون ويون آهن. عيد جي موقعي تي پشاور ۾ عيد اسپيشل ٽرينن جي روٽ کي شامل ناهي ڪيو ويو جنهن سبب پشاور جا مسافر محروم رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو