سنڌ طاس معاهدو، ڀارتي آبي جارحيت ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي

سنڌ طاس معاهدو، ڀارتي آبي جارحيت ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي

غلام مصطفيٰ جمالي
برصغير جي ورهاڱي کان وٺي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جيڪي مسئلا مسلسل تڪرار، ڇڪتاڻ ۽ بي اعتمادي جو سبب بڻيا آهن، انهن مان پاڻي جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ حساس، خطرناڪ ۽ اهم سمجهيو وڃي ٿو۔ پاڻي رڳو قدرتي نعمت نه پر زراعت، معيشت، صنعت، توانائي ۽ انساني زندگي جي بقا جو بنيادي ذريعو آهي۔ پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ لاءِ درياهن جو پاڻي شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، نون آبي منصوبن يا درياهن جي وهڪري تي اثرانداز ٿيڻ جون خبرون سامهون اچن ٿيون ته پاڪستان اندر سخت ڳڻتي پيدا ٿي وڃي ٿي۔ تازو عالمي ثالثي عدالت پاران رتلي ۽ ڪشن گنگا منصوبن بابت ڪارروائي جاري رکڻ واري فيصلي پاڪستان لاءِ هڪ وڏي سفارتي، قانوني ۽ اخلاقي ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي۔ هن فيصلي نه صرف پاڪستان جي موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي پر دنيا کي اهو به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي هيٺ مليل اختيارن کان وڌيڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي۔
سنڌ طاس معاهدو اوڻيهه سئو سٺ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عالمي بينڪ جي نگراني هيٺ طئي ٿيو هو۔ هن معاهدي کي دنيا جي ڪامياب ترين آبي معاهدن مان هڪ قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگين، سياسي ڇڪتاڻ ۽ سخت سفارتي اختلافن باوجود به اهو معاهدو برقرار رهيو۔ هن معاهدي تحت سنڌ، جهلم ۽ چناب درياهن جو پاڻي پاڪستان لاءِ مخصوص ڪيو ويو جڏهن⁠تہ راوي، ستلج ۽ بياس ڀارت جي حصي ۾ آيا۔ معاهدي مطابق ڀارت کي مغربي درياهن تي محدود نوعيت جا منصوبا ٺاهڻ جي اجازت ضرور آهي، پر اهو اهڙو ڪو منصوبو نٿو ٺاهي سگهي جنهن سان پاڪستان جي حصي جي پاڻي تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي يا ان جي وهڪري کي روڪي سگهي۔ پاڪستان جو بنيادي اعتراض به هميشه اهو ئي رهيو آهي۔
ڀارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان والاريل ڪشمير ۾ مختلف آبي منصوبا تعمير ڪندو رهيو آهي، جن ۾ بگليهار، ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبا خاص طور تي تڪراري رهيا آهن۔ پاڪستان جو موقف آهي ته انهن منصوبن جا خاڪا سنڌ طاس معاهدي جي روح جي خلاف آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ انهن ذريعي ڀارت کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ وهڪري تي ڪنٽرول ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت ملي سگهي ٿي۔ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا هن مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڀارت طرفان سنجيده رويو اختيار نه ڪيو ويو۔ آخرڪار پاڪستان عالمي فورمن ۽ ثالثي عدالت جو در کڙڪايو۔
تازو عالمي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جا اعتراض ٻڌڻ جوڳا آهن ۽ ڀارت اهو نٿو چئي سگهي ته عدالت کي هن معاملي تي اختيار حاصل ناهي۔ عدالت پاران ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو دراصل پاڪستان جي موقف جي وڏي تصديق آهي۔ ڀارت مسلسل اهو موقف اختيار ڪندو رهيو ته هي معاملو صرف فني نوعيت جو آهي ۽ ان کي غير جانبدار ماهر وٽ وڃڻ گهرجي، جڏهن⁠تہ پاڪستان جو چوڻ هو ته معاملو قانوني، فني ۽ معاهداتي نوعيت جو آهي، تنهنڪري عالمي عدالت ئي ان تي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي۔ عدالت جي فيصلي سان ڀارت جي موقف کي ڌڪ رسيو آهي۔
هي فيصلو ان لحاظ کان به اهميت رکي ٿو جو هن دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان جو موقف صرف سياسي نعريبازي نه پر سائنسي، فني ۽ قانوني بنيادن تي ٻڌل آهي۔ پاڪستان عدالت ۾ تفصيلي رپورٽون، آبي ماهرن جون شاهديون ۽ فني انگ اکر پيش ڪيا۔ پاڪستان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀارتي منصوبن جي مخصوص جوڙجڪ مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي۔ عدالت انهن نقطن کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ڀارت کي پاڪستان سان مڪمل معلومات شيئر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي۔ اها ڳالهه پاڪستان لاءِ وڏي اخلاقي ڪاميابي آهي۔
ڀارت جي آبي پاليسي تي نظر وجهجي ته صاف محسوس ٿئي ٿو ته نئين دهلي پاڻي کي هڪ اسٽرٽيجڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي۔ ڪيترن ئي ڀارتي اڳواڻن ماضي ۾ اهڙا بيان ڏنا آهن ته پاڪستان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ گهرجي۔ ڪجهه موقعن تي ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون۔ جيتوڻيڪ عالمي قانون ۽ عالمي دٻاءُ سبب ڀارت ائين مڪمل طور نٿو ڪري سگهي، پر عملي طور مختلف منصوبن ذريعي پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندو رهيو آهي۔
پاڪستان جي معيشت جو وڏو حصو زراعت تي ٻڌل آهي ۽ زراعت جو دارومدار پاڻي تي آهي۔ پنجاب ۽ سنڌ جا وسيع زرعي علائقا انهن درياهن مان سيراب ٿين ٿا۔ جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿئي ٿي ته ان جا اثر صرف زمينداري تائين محدود نٿا رهن، پر خوراڪ جي پيداوار، برآمدات، روزگار ۽ مجموعي معيشت تي به پون ٿا۔ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني عوام پاڻي جي مسئلي کي قومي سلامتي سان ڳنڍيل سمجهي ٿو۔
هن وقت پاڪستان اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ آبادي ۾ تيزي سان واڌ، موسمي تبديلي، گليشئرن جو ڳرڻ ۽ ناقص آبي انتظام صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي۔ عالمي ادارا ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪري چڪا آهن ته جيڪڏهن پاڪستان پاڻي جي انتظام تي ڌيان نه ڏنو ته مستقبل ۾ سخت آبي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو۔ اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڀارت طرفان پاڻي جي وهڪري تي اثرانداز ٿيندڙ منصوبا تعمير ڪيا وڃن ٿا ته پاڪستان جي مشڪلاتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي سگهي ٿو۔
اها به حقيقت آهي ته پاڪستان پاڻ به پنهنجي آبي پاليسين تي گهربل ڌيان نه ڏئي سگهيو آهي۔ وڏن ڊيمن جي تعمير ۾ دير، پاڻي جي ضايع ٿيڻ، پراڻو آبپاشي نظام ۽ ناقص رٿابندي ڪيترن مسئلن کي جنم ڏنو آهي۔ جيتوڻيڪ ڀارت جي آبي جارحيت هڪ حقيقت آهي، پر پاڪستان کي پنهنجي اندروني خامين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ صرف عالمي عدالتن ۾ ڪيس کٽڻ ڪافي ناهي، پر ملڪ اندر پاڻي جي بهتر استعمال ۽ ذخيرن جي واڌ لاءِ به قدم کڻڻ ضروري آهن۔
تازو عدالتي فيصلي پاڪستان جي سفارتڪاري کي به مضبوط ڪيو آهي۔ دنيا ۾ اهو تاثر وڌيو آهي ته پاڪستان عالمي قانونن ۽ معاهدن جي پاسداري چاهي ٿو، جڏهن⁠تہ ڀارت ڪجهه معاملن ۾ جارحاڻو رويو اختيار ڪري رهيو آهي۔ هن فيصلي کان پوءِ پاڪستان کي گهرجي ته عالمي برادري کي وڌيڪ مؤثر انداز ۾ اعتماد ۾ وٺي ۽ پاڻي جي مسئلي کي انساني بقا سان ڳنڍي پيش ڪري۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سالن ۾ دنيا اندر پاڻي بابت تڪرار وڌندا۔ وچ اوڀر، آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻي مستقبل جي سياست جو سڀ کان اهم عنصر بڻجي رهيو آهي۔ پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي قوتون آهن، تنهنڪري انهن جي وچ ۾ پاڻي بابت ڇڪتاڻ خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي۔ اهو ئي سبب آهي جو عالمي برادري سنڌ طاس معاهدي کي برقرار رکڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي۔
رتلي ۽ ڪشن گنگا جهڙن منصوبن کي پاڪستان صرف فني معاملو نه پر اسٽرٽيجڪ دٻاءُ جو حصو سمجهي ٿو۔ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي اهو اختيار ملي وڃي ته هو ٻئي ملڪ جي پاڻي جي وهڪري تي اثرانداز ٿي سگهي ته اها صورتحال مستقبل ۾ سياسي بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي۔ پاڪستان مسلسل انهي خطري ڏانهن دنيا جي توجهه ڇڪائيندو رهيو آهي۔
پاڪستاني عوام لاءِ اها ڳالهه اطمينان جو سبب آهي ته عالمي عدالت پاڪستان جي اعتراضن کي نظرانداز نه ڪيو۔ ان مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ مضبوط قانوني تياري، فني شاهديون ۽ واضح دليلن سان عالمي فورمن تي وڃي ته ان جو موقف ٻڌو ويندو آهي۔ پاڪستان کي هن ڪاميابي کي مستقل حڪمت عملي جو حصو بڻائڻ گهرجي۔
هن سموري صورتحال ۾ پاڪستان جي معاشي حالت به اهميت رکي ٿي۔ تازو مهينن دوران پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ جيڪو ڪجهه عرصو سرپلس ۾ رهيو، اهو ٻيهر خساري ۾ هليو ويو آهي۔ مهانگائي، قرضن، توانائي بحران ۽ معاشي دٻاءُ سبب عوام اڳ ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ اهڙي وقت ۾ پاڻي بابت غير يقيني صورتحال ملڪ جي معيشت تي وڌيڪ منفي اثر وجهي سگهي ٿي۔
پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار جو وڏو حصو پن بجلي ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي۔ جيڪڏهن درياهن جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته نه صرف زراعت متاثر ٿيندي پر بجلي جي پيداوار به گهٽجي ويندي۔ ان سان صنعتون متاثر ٿينديون، بيروزگاري وڌندي ۽ معاشي بحران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو۔ انهي ڪري آبي مسئلو دراصل قومي بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي۔
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان هن عدالتي ڪاميابي کي صرف هڪ عارضي فتح نه سمجهي پر ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو حصو بڻائي۔ ملڪ ۾ نون ڊيمن جي تعمير، پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ، جديد آبپاشي نظام، برساتي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ ۽ آبي سفارتڪاري کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي۔ ساڳئي وقت نوجوان نسل ۾ پاڻي جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي۔
پاڪستان کي گهرجي ته هو گڏيل قومن، عالمي ماحولياتي ادارن ۽ ٻين عالمي تنظيمن سان گڏجي ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻي جي تحفظ لاءِ مؤثر آواز بلند ڪري۔ موسمي تبديلي پوري خطي کي متاثر ڪري رهي آهي۔ گليشئرن جو تيزي سان ڳرڻ ۽ برساتن جي غير متوازن نظام پاڻي جي مسئلن کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي۔ جيڪڏهن علائقائي ملڪ هوشمندي جو مظاهرو نه ڪندا ته ايندڙ وقت ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي۔
پاڪستاني قيادت لاءِ هي لمحو غور فڪر جو پڻ آهي۔ قومي سلامتي صرف سرحدن جي حفاظت سان وابسته ناهي، پر پاڻي، خوراڪ ۽ معيشت جو تحفظ به ان جو اهم حصو آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي آبي وسيلن جي تحفظ ۾ ناڪام رهيو ته مستقبل ۾ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون۔ تنهنڪري ضروري آهي ته سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي سطح تي مضبوط آبي پاليسي ترتيب ڏني وڃي۔
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بي اعتمادي اڳ ئي انتهائي سطح تي موجود آهي۔ اهڙي ماحول ۾ پاڻي بابت تڪرار ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا۔ جيتوڻيڪ جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پر پاڻي جهڙو حساس مسئلو جذبات کي ڀڙڪائي سگهي ٿو۔ تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي عالمي قانونن ۽ معاهدن جي پاسداري ڪندي مسئلن جو حل ڳالهين ۽ قانوني ذريعن ذريعي ڳولڻ گهرجي۔
عالمي عدالت جي تازو فيصلي پاڪستان کي اخلاقي ۽ قانوني برتري ضرور ڏني آهي، پر اصل ڪاميابي تڏهن ٿيندي جڏهن پاڪستان پنهنجي اندروني نظام کي به مضبوط بڻائيندو۔ آبي وسيلن جو بهتر انتظام، شفاف رٿابندي، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ قومي يڪجهتي ئي پاڪستان کي مستقبل جي آبي خطرن کان محفوظ بڻائي سگهي ٿي۔
هي حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته پاڻي زندگي آهي، ۽ زندگي تي ڪنهن به قسم جو خطرو پوري قوم جي مستقبل کي متاثر ڪري سگهي ٿو۔ سنڌ طاس معاهدو صرف هڪ قانوني دستاويز ناهي، پر ڏکڻ ايشيا جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگين سان ڳنڍيل معاهدو آهي۔ جيڪڏهن هن معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا اثر صرف پاڪستان يا ڀارت تائين محدود نه رهندا، پر سڄو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿو۔
پاڪستان هن مقدمي ۾ ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر قانوني ۽ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ڪاميابي کي قومي بيداري، مؤثر پاليسي سازي ۽ عملي قدمن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي محفوظ، خوشحال ۽ مستحڪم مستقبل ڏئي سگهجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو