سيد ساجد حسين شاهه
پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، عوام سان محبت، عوامي خدمت، عوامي جذبن جي ترجماني ڪئي ملڪ کي آئين ڏيڻ ۽ ايٽمي قوت بڻائڻ سان گڏ پاڪستان کي مضبوط ڪيو پاڪستان جي حيثيت مڃرائڻ ۾ اصولي ۽ قانوني ۽ ذهانتي طور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪري ڏيکاريو انهئ ريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو سختين، مشڪلاتن، ڌمڪين ۽ ٻين طريقن سان عوام کان پري رکڻ وارن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي قوم ۽ محبت ڪندڙ عوام ۾ آئي ۽ عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ کوڙ سارا پروگرام شروع ڪيائين. عورتن کي با اختيار بڻائڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي ڀلائي، سفري سهولتن کي وڌيڪ بهتر ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ مختلف ميگا پروجيڪٽس شروع ڪيا ۽ عملي طور ان تي ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو خدمت جو واضح ثبوت آهي جنهن تحت عوام ڀرپور موٽ ڏيندي آهي گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي شهر سکر ۾ سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي طرفان عورتن ۾ مفت اسڪوٽيز ورهائڻ جي تقريب هڪ مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي۔ هن پروگرام جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي سفري سهولتن کي بهتر ڪرڻ هو۔ تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي سيد خورشيد احمد شاهه، سينئر صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ماس ٽرانزٽ ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سيد ناصر حسين شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم اين اي ڊاڪٽر شازيه سومرو، وڏي وزير جي ترجمان مئير سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه، ضلعي صدر اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد علي شاهه، ڊپٽي مئير سکر پ پ سٽي جي صدر ڊاڪٽر ارشد مغل، سردار تقي خان ڌاريجو، ايم ڊي ماس ٽرانزٽ ڪنول نظام ڀٽو، اروڙ يونيورسٽي، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيز جي وائس چانسلرز، ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان، ڊائريڪٽر انفارميشن سکر غلام عباس گوراهو شامل هئا۔ تقريب ۾ وڏي انگ ۾ عورتون، انهن جا والدين ۽ معزز شهري پڻ موجود هئا۔ حڪومت هن قدم کي عورتن جي خودمختياري ۽ آمد و رفت جي سهولت لاءِ اهم قرار ڏنو۔ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ مفت اسڪوٽيز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي، جتي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت سٺا ، تاريخي ڪم ڪيا آهن عوام جي خدمت ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪڏهن عورتن لاءِ ڪنهن سياسي پارٽي اهم ڪم ڪيا آهن ته انهن جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي ڪئي۔ ذوالفقار علي ڀٽو عورتن جي بااختياري لاءِ بنيادي قدم کنيا، جڏهن ته مسلم ملڪن ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو جنهن پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن لاءِ ويمن پوليس اسٽيشنون قائم ڪيون، فرسٽ ويمن بئنڪ شروع ڪيو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جو آغاز ڪيو۔ شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جڏهن صدر آصف علي زرداري کي حڪومت ملي ته هن پنهنجي ذهانت ۽ سوچ تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو عالمي سطح تي ساراهيل پروگرام شروع ڪيو، جنهن جي اڄ International Monetary Fund ۽ World Bank به تعريف ڪن ٿا۔ هن چيو ته اڳ پٺتي پيل سماج ۾ عورتن جا شناختي ڪارڊ به ناهن ٺاهيا ويندا هئا، پر هن پروگرام کانپوءِ ماڻهن پنهنجي ڀينرن، ڌيئرن ۽ مائرن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ شروع ڪيا۔ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تحت سنڌ حڪومت هائوسنگ منصوبي تحت 21 لک خاندانن کي مفت گهر ڏئي رهي آهي، ۽ انهن گهرن جي ملڪيت به عورتن جي نالي ڪئي پئي وڃي، جيڪو عورتن جي بااختياري لاءِ وڏو قدم آهي۔ عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تي عمل ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي پهرين اي وي بس متعارف ڪرائي ۽ پنڪ بس سروس جهڙي سهولت فراهم ڪئي، اها سهولت عورتن لاءِ سڄي دنيا جي امريڪا، يورپ، گلف، ڪئنيڊا ۾ ڪٿي به عورتن لاءِ الڳ بس سروس ڪونهي اها سوچ، اها بهتري، اها نواڻ، اها عورتن کي مضبوط ڪرڻ واري سوچ پاڪستان پيپلزپارٽي، ان جي قيادت، ان جي منشور ان جي عمل، ان جي حڪومت ۾ ملندي. جنهن ۾ ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر به عورتون آهن۔ هن چيو ته سنڌ ۾ اڳ صرف 150 عورتن وٽ موٽر سائيڪل لائسنس هو، جڏهن ته هاڻي 20 هزار عورتن ڊرائيونگ لائسنس لاءِ درخواستون ڏنيون آهن۔ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فيصلو هميشه عوام کي ڪرڻو آهي، ۽ جڏهن به چونڊون ٿيون آهن ته سنڌ جي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي کي اڳ کان وڌيڪ مينڊيٽ ڏنو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پنڪ اسڪوٽيز جي رجسٽريشن به هاڻي مفت ڪئي وئي آهي، ۽ عورتن کي هدايت ڪئي ته اسڪوٽيز کي گهرن ۾ رکڻ بدران محفوظ طريقي سان استعمال ڪن۔ هن اهو پڻ چيو ته آصف علي زرداري جي ويزن تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو غريب عورتن لاءِ امدادي پروگرام بڻجي چڪو آهي۔ بلاول ڀٽو زرداري بابت هن چيو ته انهن جو ويزن دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي تي ڪم ڪرڻ آهي، جنهن سان 21 لک متاثر ماڻهن لاءِ گهر تعمير ڪيا وڃن ٿا جنهن ۾ پاڻي، سولر ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ترقي ڪري، ۽ اها ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي وڏي آبادي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔ هن عورتن کي صلاح ڏني ته اهي اسڪوٽيز پنهنجن ڀائرن يا پٽن کي نه ڏين، ڇو ته اهي انهن جي پنهنجي سهولت لاءِ آهن۔ هن شرجيل انعام ميمڻ جا ٿورا مڃيا ته سکر جي عورتن لاءِ هي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، ۽ چيو ته سڀئي ڇوڪريون اسان جون ڌيئرون آهن ۽ انهن جو تحفظ اسان جو فرض آهي۔ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن، مراد علي شاهه جي قيادت، ۽ شرجيل انعام ميمن سميت ٻين اڳواڻن جي محنت سان ممڪن ٿيو آهي۔ سيد اويس قادر شاهه صوبائي وزير ٽرانسپورٽ هيو ته هن پيپلزبس سروس شروع ڪرائي. چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ڀلائي، بهتري ۽ وومين ايمپاور منٽ جو پروگرام آهي ان پنڪ اسڪوٽيز ورهائڻ ۾ ڪابه سفارش ڪونهي سڀ ڪم ميرٽ ۽ جيڪا اسڪوٽي وٺڻ چاهين ٿيون اُهي گهربل ڊاڪومينٽس پورا ڪن ۽ اسڪوٽي حاصل ڪري سگهن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي سيد اويس قادر شاهه، مڪيش ڪمار چاؤله، ارسلان اسلام شيخ، سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊاڪٽر شازيه سومرو، نعمان اسلام شيخ، سيد فرخ شاهه، سيد جاويد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ارشد مغل چيو ته اسڪوٽي ورهائڻ وارو منصوبو علائقي جي عورتن جي ترقي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو۔ مقررین چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ Pakistan Peoples Party جي قيادت جي ويزن تحت سنڌ حڪومت عوام کي سستي سفري سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، ۽ مفت اسڪوٽي اسڪيم مان خاص طور تي عورتون ۽ شاگردياڻيون گهڻو فائدو وٺنديون۔ انهن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت عورتن جي ترقي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، ۽ جن به عورتن اسڪوٽي لاءِ درخواست ڏني آهي، انهن کي ميرٽ تي سموري ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مفت اسڪوٽي ڏني ويندي۔ اڳواڻن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هو پارٽي قيادت جي ويزن تي عمل ڪندي عورتن کي بااختيار بڻائي رهيا آهن۔ هنن زور ڏنو ته مقصد اهو آهي ته عورتن کي اهڙا وسيلا ڏنا وڃن، جن سان هو پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن۔ هنن اهو پڻ چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي، جنهن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن، ۽ حڪومت عورتن جي بااختياري لاءِ عملي قدمن تي يقين رکي ٿي۔ اڳواڻن موجب “پنڪ اسڪوٽيز اسڪيم عورتن لاءِ محفوظ، باعزت ۽ آسان سفري سهولت فراهم ڪندي، جيڪا انهن جي روزمره زندگي ۾ حقيقي آساني آڻيندي۔ اسان جو مقصد صرف موقعا ڏيڻ نه، پر اهڙا وسيلا مهيا ڪرڻ آهي، جن سان عورتون خودمختيار ۽ باوقار زندگي گذاري سگهن۔” هن ويزن کي بينظير ڀٽو جي جدوجهد جو تسلسل قرار ڏيندي چيو ويو ته هن هميشه عورتن جي حقن، تعليم ۽ خودمختياري لاءِ آواز اٿاريو، ۽ اڄ جا اهي قدم ان ئي مشن جي عملي تعبير آهن۔ اڳواڻن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته هو پنهنجي والده بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي عورتن جي ترقي، تعليم ۽ بااختياري لاءِ مضبوط قدم کڻي رهيا آهن۔ هنن چيو ته Pakistan Peoples Party نه صرف جمهوريت، پر سماجي انصاف ۽ عورتن جي ترقي واري ايجنڊا کي به ڀرپور نموني اڳتي وڌائي رهي آهي۔ اڳواڻن سيد خورشيد احمد شاهه جي خدمتن کي ڀي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سکر ۾ عورتن جي تعليم جي واڌاري لاءِ سندس ڪوششون قابلِ ستائش آهن۔ هنن چيو ته ويمن يونيورسٽي جو قيام ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پارٽي قيادت عورتن جي تعليم ۽ خودمختياري لاءِ عملي ڪم ڪري رهي آهي، ۽ هي ادارو ايندڙ نسلن جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ اڳواڻن شرجيل انعام ميمن جو خاص شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ماس ٽرانزٽ نظام جي بهتري ۽ جديد ٽرانسپورٽ منصوبن جي واڌاري ۾ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن۔ هنن چيو ته سندس ويزن ۽ مسلسل محنت سبب نه رڳو ماس ٽرانزٽ پروگرام کي نئين سڃاڻپ ملي آهي، پر پنڪ اسڪوٽيز جهڙا انقلابي منصوبا به عملي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن۔ آخر ۾ هن عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ايندڙ وقت ۾ به اهڙا فلاحي ۽ ترقياتي منصوبا جاري رکندي، جيڪي عورتن سميت سماج جي سڀني طبقن جي زندگي ۾ مثبت ۽ ڊگهي مدي واري تبديلي آڻيندا۔ تقريب جي پڄاڻي تي سڀني ادارن ۽ آفيسرن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو ويو، جن هن منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن موقعي تي مهمانن مقدس نورين، بلقيس مهتاب، ماه نور، مريم غلام سرور، بختاور ڀٽي ۽ ٻين شاگردياڻين، نوڪري ڪندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ عورتن ۾ پنڪ اسڪوٽيون ورهايون ۽ کين اسڪوٽين جون چاٻيون حوالي ڪيون ويون۔










