سکر: (ن س) سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جھي ريفرنس جي ٻڌڻي، پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو ريفرنس اسپيشل ايف آء اي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو اسپيشل ايف آء اي ڪورٽ ڪيس واپس نيب ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو، احتساب عدالت سکر جي جج غلام ياسين ڪولاچي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، زيرڪ شاهه، ٺيڪيدار اڪرم پٺاڻ، رحيم بخش اعواڻ، ثاقب اعواڻ ۽ ٻيا جوابدار وڪيلن قربان ملاڻو، محفوظ اعواڻ، مڪيش ڪارڙا سميت پيش ٿيا.احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سيد خورشيد احمد شاهه جي وڪيل چيو ته ريفرنس 19 ڪروڙ رپين جو آهي، صوبائي اينٽي ڪرپشن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو، نيب ايڪٽ بعد نيب ريفرنس نٿو ٻڌڻي سگهي نيب پراسيڪيوٽر پاران ريفرنس ايف آء اي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي،عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ٻيهر ايف آء اي اسپيشل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










