عالمي امن ڪيئن بحال ٿئي؟

عالمي امن ڪيئن بحال ٿئي؟

عاقب امداد سنديلو
ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ڪھڙي طرف وڃي رھي آھي، عالمي ميڊيا کي ڏسجي تھ جنگ ڪنھن نسل ڪشي طرف وڌي رھي آھي، جيڪڏھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ روڪي تھ روڪي سگھي ٿو . ايراني قيادت واضح چئي رھي آھي تھ عالمي امن کي نقصان رسائڻ وارن ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جو وڏو ڪردار آھي، آمريڪا ھن وقت اسرائيل سان گڏ جنگ ۾ اڪيلو رھجي ويو آھي، ڊونلڊ ٽرمپ کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جنگ ۾ حصو نھ وٺڻ جو جواب ڏنو آھي، نيٽو ملڪن بھ پنھنجا ھٿ مٿي ڪري ڇڏيا آھن تھ ھو اسرائيلي جارحيت جو حصو نھ بڻبا.فرانس، برطانيھ، اٽلي، جرمني، چين ۽ روس جھڙين وڏين طاقتن ان جنگ کي واضح طور نديو آھي، اڄ دنيا وڏي سوچ ۾ آھي تھ آمريڪا اسرائيل ڪھڙي طرف وڃي رھيا آھن، دنيا جي معتبر ليڊرن ان ڳالھھ کي تسليم ڪيو آھي ۽ پنھنجي بيانن ۾ چيو آھي تھ انسانن جي دنيا ۾ آبادڪاري کي تباھي جي منظر ڏي وٺي وڃڻ افسوس ناڪ رويو ۽ وڏو الميو آھي، عالمي امن کي ٻيھر سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ اقوام متحدھ کي ھڪ قدم اڳتي اچڻو پوندو ۽ آمريڪي اسرائيلي جارحيت جي نھ صرف مذمت ڪرڻي پوندي پر ان کي ايران مٿان وڌيڪ ڪاررواين کان روڪڻو پوندو.ايران ڪيترائي ڀيرا پھريان ۽ ھن ھلندڙ جنگ ۾ واضح چئي چڪو آھي تھ اسرائيل معصوم ٻارن جو قاتل آھي، نيتن ياھو کي معصوم ٻارڙن ۽ ايران جي شھيد سپريم ليڊر آيت اللھ خامنھ اي جي خون جو حساب ڏيڻو پوندو.آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت سبب ايران جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رھيو آھي تنھن ھوندي بھ ايراني عوام ٻڌائي ڇڏيو آھي تھ ھو اھا قوم آھي جيڪا پوئتي ھٽڻ واري نھ آھي، عالمي فورم موجب آمريڪا کي سيڪيولر ۽ سوشلزم طرف وڃڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ اڄ جي دنيا ۾ شعور رکندڙ قومون آھن، اھيو پراڻي وقتن ۾ ٿيندو ھيو جو ٻين ملڪن تي حملي آور ٿي مال، ملڪيت ۽ ملڪ تي قبضو ڪري انھن کي غلام بڻايو ويندو ھو، ھاڻي دنيا جا سيڪيولر ملڪ جنگين جي طرف نھ وڃڻ جون صلاحون ڏئي رھيا آھن، جنگ ڪرڻ سڌو سنئون انساني جانين جي زيان، تباھي ۽ عالمي ليول جو بحران پيدا ڪرڻ آھي، موجودھ وقت ۾ جنگ بدران ڳالھين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن انساني جانيون بچائي سگھجن. ڳالھين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي تھ دنيا تباھھ ڪن حالتن مان نڪري سگھي ٿي.موجودھ حالتن ۾ دنيا جا ڏاھا ليڊر وچ ۾ اچي ڳالھين ذريعي ايران خلاف ٿيندڙ ڪارروايون روڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، عالمي امن کي وري بحال ڪري انسانن کي سٺي اخلاقيات طرف وٺي وڃن، حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ سٺا قدم کنيا وڃن تھ جيئن اھڙيون سنگين مشڪلاتون ٻيھر پيش نھ اچن ۽ عالمي اڳواڻ ڪو اھڙو سمجھوتو ڪن جنھن سان عالمي امن قائم ٿئي ۽ ڪو بھ ملڪ پنھنجي مفادن لاءِ ڪنھن ٻئي ملڪ تي بنا جواز حملو نھ ڪري سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو