زيادتي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي شاگرد هٿان ٽيچر قتل

زيادتي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي شاگرد هٿان ٽيچر قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاڻي ٽائون جي علائقي ۾ وحشي قاتل پنهنجي ٽيوشن ٽيچر ۽ پاڙيسري جو گلو ڪٽي قتل ڪري ڇڏيو. سرجاڻي انويسٽيگيشن پوليس 5 جنوري تي سيڪٽر 36 بي ۾ 3 ٻارڙن جي ماءُ جي قتل ۾ ملوث 19 سالن جي محسن سلمي کي گرفتار ڪيو هو. پوليس مطابق ملزم مقتولا جو پاڙيسري هيو جنهن کان هو ٽيوشن وٺندو هو واقعي واري ڏينهن مقتولا کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي گهر ۾ داخل ٿي ان سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ٻڌايو ته مقتولا ياسمين زبردستي جي ڪوشش تي ملزم کي گهر ۽ پاڙي وارن کي ٻڌائڻ جي ڌمڪي ڏني ته هن ياسمين جو گلو ڪٽي ڇڏيو. جڏهن ته واقعي کي قتل قرار ڏيڻ لاءِ ملزم مقتولا جو موبائل ۽ پرس به چوري ڪري گهر کڻي آيو جنهن جي قبضي کان قتل ۾ ملوث ٿيندڙ هٿيار ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو