ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي پنهنجي پهرين ميوزڪ وڊيو گانو “نخري باز” شيئر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هي منهنجي پهرين ميوزڪ وڊيو آهي اميد آهي ته ماڻهن کي پسند ايندي ۽ ان مان گهڻو لطف اندوز ٿيندا. دراصل اها وڊيو هن وقت جي ناهي پر گذريل سال 6 آڪٽومبر 2019 تي اسلام آباد سان تعلق رکندڙ پنجابي گلوڪار ارباز آري جي يوٽيوب چينل تي لوڊ ڪئي وئي هئي. ميوزڪ البم به ارباز آري جو آهي جڏهن ته ان ۾ عورت سنگر ايش چغتائي ارباز سان گڏ پنهنجي آواز جو جادو جڳايو آهي. وڊيو ۾ حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ ماڊلنگ ڪندي نظر اچي رهيون آهن. يوٽيوب تي هن وڊيو کي هن مهل تائين 1 لک 64 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. گلوڪار ارباز ان کان اڳ به ميوزڪ البم رليز ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ماڊل مٿيرا ماڊلنگ ڪندي نظر اچي رهي آهي.










