اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان جنوري تائين ٻاهرين ذريعن کان 5.17 ارب ڊالر وصول ٿيا.اقتصادي معاملن جي دستاويز موجب، جولاءِ کان جنوري تائين بجيٽ سپورٽ جي صورت ۾ 1.84 ارب ڊالر، جولاءِ کان جنوري تائين مختلف ترقياتي منصوبن جي صورت ۾ 1.90 ارب ڊالر وصول ٿيا، جنهن ۾ سعودي عرب پاڪستان کي 700 ملين ڊالر جو سڀ کان وڏو قرض فراهم ڪيو.دستاويزن موجب، سعودي عرب 700 ملين ڊالر قرض جي صورت ۾ تيل جي صورت ۾ فراهم ڪيا، چين پاڪستان کي 540 ملين ڊالر قرض فراهم ڪيو، ۽ آءِ ايم ايف پاڪستان کي 200 ملين ڊالر قرض فراهم ڪيو.دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ 140 ملين ڊالر قرض، ايشيائي ترقياتي بينڪ 630 ملين ڊالر قرض، ورلڊ بينڪ 850 ملين ڊالر قرض ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ 530 ملين ڊالر قرض فراهم ڪيا.اقتصادي معاملن جي وزارت پاران جولاءِ کان جنوري تائين ٻاهرين ذريعن کان حاصل ٿيندڙ فنڊ جي تفصيل موجب، جنوري دوران 622.7 ملين ڊالر وصول ٿيا.










