سنڌ ۽ بلوچستان جي ڀڳل روڊن سبب حادثا وڌيا آهن، سراج

سنڌ ۽ بلوچستان جي ڀڳل روڊن سبب حادثا وڌيا آهن، سراج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڀڳل ٽٽل روڊ رستن سبب وڌندڙ روڊ حادثن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته حڪومت روڊ رستن جي بهتري ٽريفڪ قانون تي عمل درآمد ۽ حادثن جو شڪار ماڻهن جي داد رسي لاءِ فوري جوڳا قدم کڻي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو سنڌ ۾ خراب روڊ رستن جي ڪري روزانو ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ظلم وري اهو آهي جو حادثي جو شڪار ماڻهو لاوارث مري رهيا آهن. ايمبولينس کان وٺي طبي امداد جون سهولتون پڻ ڪو نه آهن. حڪومت جو مقصد صرف ٽيڪس وٺي عوام جي کيسن تي ڌاڙوهڻڻ ڪو نه آهي بلڪه انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪرڻ آهي.سينيٽر سراج الحق روڊ حادثي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ عظيم بلوچ سميت ٻن ساٿين جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي جيءُ جهوريندڙ واقعي تي وفاقي توڙي سنڌ حڪومت مجرماڻي غفلت اختيار ڪري رکي آهي. حڪومت انهن ڀڳل روڊ رستن تي توجه ۽ امدادي سهولتن جو بندوبست ڪو نه ڪيو ته عوام احتجاج تي مجبور ٿي ويندي. هن چيو ته پاڻ کي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ سجهندڙ اشرافيه عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. لاهور کان اسلام آباد موٽروي بهترين آهي. جڏهن ته اسلام آباد کان پشاور ۽ ڪراچي کان حيدرآباد غير معياراري آهي جنهن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان  جي عوام ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي. هن چيوته سينيٽ ۾ پڻ ان اشو تي آواز اٿاريو آهي. اڳتي به هر فورم تي وفاق جي ٻه اکيائي ۽ سنڌ جي روڊ رستن جي بهتري لاءِ آواز اٿارينداسين. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد مرڪزي امير جو سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ تي ٿورو مڃيو.

پهنجو تبصرو موڪليو