يوڪريني مسافر جهاز ڪيرائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي؛ ايران

يوڪريني مسافر جهاز ڪيرائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي؛ ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي عدالت اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين مسافر جهاز جي حادثي ۾ ملوث ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عدليه جي ترجمان غلام حسين اسماعيلي مطابق جهاز حادثي جي وڏي پئماني تي تحقيقات ڪئي وئي ۽ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو پر هن ان ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي ته ان سلسلي ۾ ڪيترن ماڻهن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. ان کان اڳ ايران جي صدر حسن روحاني يوڪريني جهاز ڪيرائڻ واري حادثي جي تحقيقات لاءِ خصوصي عدلت جي قيام جو مطالبو ڪيو هو. 8 جنوري تي تهران ۾ امام خميني ايئرپورٽ تان اڏام ڀريندڙ يوڪرين مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 176 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. عالمي اڳواڻن ايران تي مسافر جهاز ڪيرائڻ جو الزام لڳايو هو پر ايران طرفان شروعات ۾ انهن الزامن جي ترديد ڪندي يوڪرين ۽ بوئنگ ڪمپني کي تحقيقات ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. جنهن کان پوءِ ثبوت منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ايران جهاز ڪيرائڻ جو اعتراف ڪندي انساني غلطي سبب جهاز نشانو بڻجڻ جو چيو. ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته اهو حادثو دردناڪ ۽ ناقابل معافي قرار ڏيندي واعدو ڪيو ته ان جي حڪومت ان ڪيس کي هر حال ۾ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائيندي. هن چيو ته ان حادثي جا ذميوار هڪ کان وڌيڪ ماڻهن تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ انهن کي سزا ڏني ويندي. ياد رهي ته اهو جهاز تهران کان يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيو وڃي رهيو هو جنهن ۾ 167 مسافر ۽ عملي جا 9 ماڻهو سوار هئا جهاز ۾ 82 ايراني باشندن سميت 57 ڪينيڊين ۽ يوڪرين جا به 11 شهري موجود هيا جنهن ۾ ٻار به شامل هيا. واضح رهي ته 3 جنوري تي آمريڪا جي ڊرون حملي ۾ ايران جي القدس فورس جي اڳواڻ ڪمانڊر قاسم سليماني مارجي ويو هو جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِ عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا ويا ۽ 80 آمريڪي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. قاسم سليماني جي مارجڻ کان پوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو ۽ 8 جنوري تي ايران جنرل قاسم سليماني جو بدلو وٺڻ لاءِ آمريڪي فوجي اڏن تي حملو ڪيو. ايران جي ميزائل حملن جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ان ئي ڏينهن تهران جي امام خميني ايئرپورٽ کان اڏام ڀريندڙ يوڪرين جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 176 ماڻهو مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو