ايران ۾ حڪومت خلاف مظاهرا، اعليٰ انتظاميه کي هٽائڻ جو مطالبو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٻئي ڏينهن به مسلسل يوڪريني جهاز ڪيرائڻ خلاف مظاهرا جاري آهن. ايراني حڪومت تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ان واقعي ۾ ملوث اعليٰ انتظاميه کي برطرف ڪيو وڃي. فوج طرفان غلطي سان جهاز تباهه ڪرڻ واري اعتراف کان پوءِ ٻن ڏينهن کان ملڪ ۾ هزارين مظاهرين احتجاج ۾ احتساب جو مطالبو ڪيو آهي مختلف عالمي اڳواڻن به ان واقعي جي غير جانبدار تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي. ايران جي آمريڪا سان وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ان مسافر بردار جهاز کي ڪيرايو ويو هو. اهو واقعو ايران طرفان عراق ۾ موجود 2 آمريڪي ايئربيس تي ميزائل حملي جي فوري بعد پيش آيو. ميزائل حملا 3 جنوري تي بغداد ۾ آمريڪي ڊورن حملي ۾ سينئر ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي مارجڻ جي ردعمل ۾ ڪيا ويا. تازي رپورٽ مطابق مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ تهران جي روڊن تي پوليس جون وڏيون نفريون مقرر ڪيون ويون آهن ان باوجود اهڙيون وڊيو به گردش ڪري رهيون آهن جنهن ۾ مظاهرين کي حڪومت مخالف نعرا لڳائيندي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو. اطلاعن مطابق گادي واري شهر تهران کان علاوهه ايران جي ٻين شهرن ۾ به مظاهرين وڏي تعداد ۾ جمع ٿي حڪومت خلاف نعرا هڻي رهيا آهن. ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري انتظاميه جهاز کي ميزائل سمجهي نشانو بڻايو. ان جهاز ۾ درجنين ايراني ۽ ڪنيڊين شهرين کان علاوه يوڪرين، برطانيه، افغانستان ۽ سوئيڊن جا شهري به سوار هيا. اهو جهاز تهران جي آيت الله خميني ايئرپورٽ کان يوڪرين جي گادي واري شهر ڪئيو لاءِ اڏام ڀري ته کين ميزائل جو نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 176 ماڻهو مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو