ڳُجهي ايجنسي پاران ٽرمپ جا قاسم سليماني تي لڳايل الزام رد

ڳُجهي ايجنسي پاران ٽرمپ جا قاسم سليماني تي لڳايل الزام رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي خفيه ايجنسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني تي لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. 3 جنوري تي آمريڪا بغداد ۾ ميزائل حملو ڪري القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني کي ساٿين سميت قتل ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي صدر پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ قاسم سليماني کي دنيا جو پهريون نمبر دهشتگرد قرار ڏيندي چيو هو ته قاسم سليماني جي دهشت جو راڄ هاڻي ختم ٿي چڪو آهي آمريڪي فوج هڪ بهترين ڪارروائي ڪري ان کي قتل ڪيو آهي. ٽرمپ الزام لڳايو هو ته قاسم سليماني آمريڪي سفارتڪارن ۽ فوجي شخصيتن تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو پر اسان ان کي پڪڙي ورتو. ڊونلڊ ٽرمپ جي ان الزامن کي آمريڪا جي خفيه ايجنسي جي اهلڪارن رد ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن پوسٽ مطابق ٽرمپ انتظاميه جي هڪ اهلڪار ۽ انٽيليجنس ڪميونٽِ جي اهلڪارن جو چوڻ هو ته اسان کي علم ۾ ناهي ته بغداد ايئرپورٽ تي حملي ۾ مارجي ويل جنرل سليماني آمريڪا جي 4 سفارتخانن تي حملن جي سازش ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو