نامعلوم ماڻهن هٿان مبينا طور نوجوان ڪهاڙين سان قتل

نامعلوم ماڻهن هٿان مبينا طور نوجوان ڪهاڙين سان قتل

سڪرنڊ(راج ڪماراوڏ) باءِ پاس سڪرنڊ ڀرسان نوناري سي اين جي پويان 25 سالا نوجوان پهلاج جنداڙو ڪهاڙيون لڳڻ سبب پراسرار نموني قتل ٿي ويو. لاش علائقي واسين جي اطلاع تي سڪرنڊ پوليس تعلقه اسپتال سڪرنڊ کڻائي آئي. جڏهن ته فوتي جي ڀيڻ مسمات سيتا ٻڌايو ته اسان کي شڪ آھي اسان جي ڀيڻوي مڪيش اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو آھي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو تڪرار سبب ٿيو آهي جنهن ڪري قتل جو ڪارڻ هن مهل تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو