قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر 12 جنوري 2026 تي شام 5:00 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 جي تحت حاصل ڪيل اختيارن کي استعمال ڪندي اجلاس طلب ڪيو آهي. 12 جنوري 2026 تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جو اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 23 هون اجلاس هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو