لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت جي علائقي نوارخيل موڙ ويجهو دهشتگردن هڪ خانگي فيڪٽري جي بس تي حملو ڪيو.پوليس چيو ته دهشتگردن هڪ خانگي سيمينٽ فيڪٽري جي گاڏي کي آئي اي ڊي ڌماڪي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه عورتون سميت نو ماڻهو زخمي ٿيا.پوليس چيو ته زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ۽ سڀني زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي.










