لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) لکي مروت ۽ بنون ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. لکي مروت پوليس جي ترجمان موجب سرائي نورنگ شهر ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي مقرر 3 ٽريفڪ پوليس اهڪار شهيد ٿي ويا.هن ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ انچارج ٽريفڪ پوليس نورنگ جلال خان، ڪانسٽيبل عزيزالله ۽ ڪانسٽيبل عبدالله شهيد ٿي ويا. ترجمان موجب اڻڄاتل موٽر سائيڪل تي سوار دهشتگرد فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا، شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال سرائي نورنگ منتقل ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف بنون پوليس جو چوڻ آهي ته منڊان ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڪانسٽيبل رشيد خان گهر کان ڊيوٽي لاءِ منڊان ٿاڻي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويو.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي لکي مروت ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، هن دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سهيل آفريدي چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي. شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. بزدلاڻي حملن سبب ملڪ دشمن عناصر پنهنجي ناڪام ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوليس اهلڪار فرنٽ لائن تي قربانيون ڏئي رهيا آهن.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته ملوث عناصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. صوبائي حڪومت پوليس فورس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. شهيدن جي وارثن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.










