ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل کي 28 سال اڳ چوري ٿيل ڪار لاءِ 10,000 رپين جو اي-چالان مليو آهي.تفصيل موجب، ڪراچي جي هڪ مقامي فائيو اسٽار هوٽل جي ملڪيت واري ڪار نمبر AAR-540 مئي 1997 تي شاهراهه فيصل تي فياض سينٽر جي ويجهو ڪار پارڪ مان چوري ٿي وئي هئي.ان جي ايف آءِ آر 122/97 22 مئي 1997 تي صدر پوليس اسٽيشن ۾ هوٽل ملازم زاهد جي شڪايت تي درج ڪئي وئي هئي.پوليس 28 سالن ۾ هي چوري ٿيل ڪار واپس نه وٺي سگهي آهي، پر گذريل هفتي هوٽل انتظاميا کي ٽرئفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گاڏي جي نمبر پليٽ تي 10,000 رپين جو اي-چالان مليو.هوٽل انتظاميا مڪمل جرمانو ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، پر شرط رکي آهي ته ڪراچي پوليس پهريان چوري ٿيل ڪار واپس ڪري ۽ ان کي ڏيکاري.










