28 سال اڳ چوري ٿي ويل هوٽل جي ڪار  جو چالان جاري

28 سال اڳ چوري ٿي ويل هوٽل جي ڪار جو چالان جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل کي 28 سال اڳ چوري ٿيل ڪار لاءِ 10,000 رپين جو اي-چالان مليو آهي.تفصيل موجب، ڪراچي جي هڪ مقامي فائيو اسٽار هوٽل جي ملڪيت واري ڪار نمبر AAR-540 مئي 1997 تي شاهراهه فيصل تي فياض سينٽر جي ويجهو ڪار پارڪ مان چوري ٿي وئي هئي.ان جي ايف آءِ آر 122/97 22 مئي 1997 تي صدر پوليس اسٽيشن ۾ هوٽل ملازم زاهد جي شڪايت تي درج ڪئي وئي هئي.پوليس 28 سالن ۾ هي چوري ٿيل ڪار واپس نه وٺي سگهي آهي، پر گذريل هفتي هوٽل انتظاميا کي ٽرئفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گاڏي جي نمبر پليٽ تي 10,000 رپين جو اي-چالان مليو.هوٽل انتظاميا مڪمل جرمانو ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، پر شرط رکي آهي ته ڪراچي پوليس پهريان چوري ٿيل ڪار واپس ڪري ۽ ان کي ڏيکاري.

پهنجو تبصرو موڪليو