اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف روايتي ۽ غير روايتي بحري چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جنگي تياري برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي،آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ختم ٿي وئي آهي. فورم ۾ آپريشنل تيارين، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي سرگرمين جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس جي تيارين ۽ انعقاد تي بحث ڪيو ويو، پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس دوران، نيول چيف روايتي ۽ غير روايتي بحري چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جنگي تياري برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف چيو ته پاڪستان نيوي قومي خودمختياري جي حفاظت ۽ پنهنجي سامونڊي سرحدن جي هر انچ جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.آءِ ايس پي آر موجب، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس پاڪستان نيوي جو اعليٰ ترين فيصلو ساز فورم آهي جنهن ۾ نيول چيف، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فيلڊ ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ترجيحن تي غور ڪندا آهن.










