اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران منفي رجحان رڪارڊ

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران منفي رجحان رڪارڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران منفي رجحان ڏٺو ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس پنجن ڏينهن تائين منفي رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هفتي دوران 5891 پوائنٽس گهٽجي 163,098 پوائنٽس تي بند ٿيو.100 انڊيڪس پڻ واپاري هفتي دوران 6915 پوائنٽس جي بينڊ اندر رهيو.100 انڊيڪس جو هفتيوار بلند ترين 169,326 هو جڏهن ته گهٽ ترين 162,411 پوائنٽس هو.هفتي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 6.78 بلين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ جي هفتيوار ٽرن اوور جي قيمت 274 ارب رپيا هئي، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن هفتي دوران 749 ارب رپين جي گهٽتائي سان 18,910 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو