گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) عدالت 16 سالن کانپوءِ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي موت ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔ گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول عبدالغني ڏهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار دلبر ڏهر مٿان قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت ۽ 5 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي پوليس سيڪورٽي هيٺ سکر سنٽرل جيل منتقل ڪيو. واضح رهي ته سال 2003 ۾ جوابدار دلبر ڏهر ڏهرڪي ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري عبدالغني ڏهر کي قتل ڪيو هو.










