بجيٽ تياري، آءِ ايم ايف ٽيم پاران سڀاڻي کان پاڪستان جو دورو

بجيٽ تياري، آءِ ايم ايف ٽيم پاران سڀاڻي کان پاڪستان جو دورو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي ٽيم سڀاڻي 4 اپريل کان پاڪستان جو دورو ڪندي.مالي سال 2025-26 جي بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد سڀاڻي کان پاڪستان جو دورو ڪندو.ذريعن موجب، وفد پاڪستاني عملدارن سان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندو، جنهن ۾ ٽيڪس آمدني جي قدمن، خرچن تي ضابطو ۽ ٻيا ترقياتي خرچ شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جو وفاقي بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ان کان اڳ، آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستاني اختيارين سان گڏجي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تجويزون تيار ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو