ريسٽورنٽ حملي ڪيس ۾ 7 جوابدارن کي ڦاهيءَ جي سزا

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ريسٽورينٽ تي حملي جي ڪيس ۾ 7 ماڻهن کي ڦاهيءَ جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. عرب خابرو اداري مطابق ڍاڪا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2016 ۾ دارالحڪومت جي هڪ مشهور ريسٽورينٽ تي حملي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو ۽ ان ۾ ملوث 7 جوابدارن تي جرم ثابت ٿيڻ تي سزاءِ موت جو حڪم ڏنو جڏهن ته عدالت هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته پهرين جولاءِ 2016 تي هڪ ريسٽورينٽ تي فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ 17 غير ملڪي به شامل هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو