اڄ رات کان ٿڌ ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان

اڄ رات کان ٿڌ ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڄ رات کان راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي سگهي ٿو، جڏهن ته هوا ۾ نمي 81 سيڪڙو آهي.ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان هلڪي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو