ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي 2025ع ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي سالياني امتحانن لاءِ نصاب ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم کاتي 75 سيڪڙو سليبس مان امتحان وٺڻ جو فارمولو طئه ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نصاب ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي جو فارمولو ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم پاران طئي ڪيو ويو آهي جيڪو نائين، ڏهين، يارهين ۽ 12 ڪلاس جي سڀني فيڪلٽيز تي لاڳو ٿيندو.سائنس، هيومنٽيز، ڪامرس، جنرل گروپ، پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جا امتحان شروع کان وٺي نصاب جي 75 سيڪڙو تائين سمورن تعليمي ادارن کي سياري کان اڳ سمورن مضمونن جو 50 سيڪڙو نصاب مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اڌ نصاب جو 50 سيڪڙو سياري جي موڪلن کانپوءِ پڙهايو ويندو، جڏهن ته سڄي سيشن 2024 ۽ 2025 ۾ ڪل نصاب جو 75 سيڪڙو پڙهايو ويندو، جڏهن ته امتحان به 75 سيڪڙو نصاب مان ئي ورتا ويندا. اهڙو فيصلو 28 نومبر تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ايندڙ تعليمي سيشن 2025/26 هاڻي پهرين آگسٽ بدران پهرين اپريل کان شروع ٿيندو. ميٽرڪ جا امتحان 15 مارچ کان ۽ انٽر جا امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا.










