ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سدائين سنڌ جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ چونڊيل عوامي نمائندن سان ملاقات دورانڪئي. ڇنڇر ڏينهن صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن؛ مخدوم فخر الزمان، محمود عالم ڄاموٽ، لياقت علي اسڪاڻي، سيد امير علي شاهه، ساجد علي بانڀن ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ ملاقات ڪندڙن ۾ شامل هئا. ملاقاتن ۾ سياسي ۽ سماجي صورتحال سميت پاڻي، صحت، تعليم، امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا مسئلا ٻڌا ۽ سندن حل لاءِ حڪم جاري ڪيا. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين سنڌ جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ھدايت ڏيندي چيو تھ اوھان پنھنجن لاڳاپيل تڪن ۾ پيئڻ جي پاڻي، نيڪال، صحت، تعليم ۽ ٻيا عوامي مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪيو. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ سندن ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ان موذي مرض جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته عوام کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جو اولين فرض آهي ۽ سنڌ پوليس امن امان واري صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته روشن مستقبل ڏسڻ لاءِ تعليم واري نظام ۾ هاڪاري سڌارا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ اسان جو مقصد صوبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ آهي. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ سندس حڪومت شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن سان گڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آھن. وڏي وزير عوامي نمائندن کي يقين ڏياريو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.










