شهداد ڪوٽ (ن س) ايس ايس آفيس قمبر ۾ قائم وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج ليڊي پوليس ڪانسٽيبل جا شيٽ ڪلارڪ ۽ هيڊ ڪلارڪ تي جنسي حراسمينٽ جا الزام، صنم پروين بروهي جو روئندي جاري ڪيل وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل، شيٽ ڪلارڪ جي ڪرسي تي ويٺل رياض سومرو ۽ سڪندر لاشاري دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندا رهن ٿا، ايس ايس پي جي چارج ڇڏڻ کان پوءِ هڪ ليڊي ڪانسٽيبل سان چورايو ويو ته دوستي ۽ لاڳاپا رک نه ته هتي ڊيوٽي نه ڪري سگهندين، منهنجي انڪار تي بنا ايس ايس پي جي اجازت جي آپريٽر کان بدلي جو ڪوڙو آرڊر صحيح ڪرائي اماڻيو ويو، چارج ڇڏڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي، 2019 کان ڪيترن ئي عورتن کي جنسي حراسمينٽ جي واقعن ۾ انصاف وٺرائي ڏنو پر پاڻ عتاب جو شڪار آهيان مون سان انصاف ڪير ڪندو? ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ آئي جي سنڌ مون سان ٿيل جنسي حراسمينٽ جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن . صنم پروين بروهي جون وڊيو ۾ دانهون.خبر موجب : ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس ۾ قائم وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج ليڊي پوليس ڪانسٽيبل صنم پروين بروهي پاڻ سان ٿيندڙ جنسي حراسمينٽ جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي وڊيو ۾ صنم پروين بروهي پاڻ سان ٿيندڙ جنسي حراسمينٽ بابت روئندي ٻڌايو ته ايس ايس پي آفيس قمبر ۾ 2004 کان مقرر ۽ ڪيترن سالن کان شيٽ ڪلارڪ جي ڪرسي تي ويٺل انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري جيڪي ليديز پوليس اهلڪارن ۽ ويريفڪيشن توڙي ٻين ڪمن لاءِ ايندڙ عورتن کي حراسمينٽ ڪندا رهندا آهن جيڪي گذريل ڪجھ وقت کان مون کي پڻ دوستي رکڻ لاءِ مختلف طريقن سان تنگ ڪندا رهيا آهن پر آئون نظرانداز ڪندي رهيس پر تازو ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ پاران چارج ڇڏڻ کان پوءِ انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري هڪ ليڊي ڪانسٽيبل سان نياپو موڪليو ته آئون سندن سان ناجائز تعلقات رکان نه ته ٻي صورت ۾ مون کي هتي ڊيوٽي ڪرڻ نه ڏنو ويندو جنهن کان پوءِ منهنجي وري به انڪار تي ڪمپيوٽر آپريٽر جي صحيح سان منهنجي بدلي جو ڪوڙو آرڊر ٽائيپ ڪري مون ڏي اماڻيو ويو ۽ منهنجي جڳھ تي 6 مهينا اڳ ڀرتي ٿيل ليڊي ڪانسٽيبل کي رکيو ويو آهي ۽ مون کي بنا ايس ايس پي جي پرميشن سان جاري ڪيل ڪوڙي آرڊر تي چارج ڇڏڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي صنم بروهي جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي سروس کي 10 سال گذري ويا آهن ۽ گذريل 5 سالن کان وومين پروٽيڪشن سيل ۾ ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان ڊيوٽي ڪري ڪيترين ئي حراسمينٽ سميت مختلف واقعن ۾ ڦاٿل عورتن کي تحفظ ۽ انصاف وٺي ڏنو آهي پر مان پاڻ انهن قسم جي واقعن کي نظرانداز ڪري عتاب هيٺ رهي آهيان پر هاڻي چوان ٿي ته آهي ڪو جيڪو مون سان انصاف ڪري صنم پروين بروهي ڊي آئي جي ناصر آفتاب پٺاڻ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مون سان ايس ايس پي آفيس جي شيٽ ڪلارڪ ۽ هيڊ ڪلارڪ پاران ڪيل جنسي حراسمينٽ جو نوٽيس وٺي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.










