مولانا جي سياست

مولانا جي سياست

مظهر عباس

هڪڙو زمانو هو جڏهن عمران خان کي سياست جي ايتري ئي ڄاڻ هئي، جيتري مولانا فضل الرحمان کي ڪرڪيٽ جي، عمران خان جو سياسي سفر 1996ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن مولانا جي سياست کي 16 سال ٿي چڪا هئا، هو پهريون دفعو پنهنجي جماعت جو امير 1980ع ۾ پنهنجي والد مولانا مفتي محمود جي وفات کان پوءِ ٿيو، جنهن زماني ۾ عمران خان جو شمار دنيا جي ٽن وڏن آل رائونڊر ۾ ٿيندو هو، پر هاڻي ته هو سياست ۾ به مولانا کي پويان ڇڏي ويو آهي. عمران خان کي سڀئي وڏا سياستدان اڳ ئي رد ڪندا هئا، هڪ دفعو بينظير ڀٽو مرحوم جيڪا عمران کي شاگردي واري دور کان سڃاڻيندي هئي مون کي چوڻ لڳي ”مظهر، تون عمران کي ڪيترو سڃاڻي ٿو، ڇا هو سياست ۾ ڪامياب ٿيندو.“ مون جواب ڏنو ”هينئر ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر هو محنتي آهي، اوهان جي خراب ڪارڪردگي هن جي ڪاميابي ٿي سگهي ٿي. هو متبادل طور تي سامهون اچي سگهي ٿو.“ اها ڳالهه 1998 جي آهي، جڏهن تحريڪ انصاف کي 1997ع جي چونڊن ۾ هڪ سيٽ به نه ملي هئي. 
مولانا فضل الرحمان جي ڪهاڻي ٿوري مختلف آهي، هو هڪ انتهائي ڪٽر مذهبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، جمعيت علماءِ اسلام ٻين مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ منظم به رهي آهي ۽ سياسي به. هن جو والد مولانا مفتي محمود وڏو ڏاهو سياستدان هو. هن ذوالفقار علي ڀٽو جي عروج جي دور ۾ 1970ع ۾ ان کي شڪست ڏني هئي. جنهن کانپوءِ کاٻي ڌر جي پارٽي نيشنل عوامي پارٽي سان گڏجي اڳوڻي صوبي سرحد جيڪو هاڻي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون ٺاهيون. جنهن کانپوءِ 1977ع جي تحريڪ نظام مصطفيٰ جي قيادت ڪئي. مولانا مفتي محمود جي 1980 ۾ وفات ٿي ته جمعيت جي اندر سياسي اختلاف پيدا ٿيو ڇو ته فضل الرحمان اڃا صرف 26 سالن جو نوجوان هو جيڪو مدرسي داراالعلوم حقانيه جي پيداوار ۽ مولانا سميع الحق جو شاگرد هو. هي اهو وقت هو جڏهن افغان طالبان ليڊر ملا محمود عمر مرحوم به پڙهندو هو پر هو وڌيڪ سينيئر هو، تنهن ڪري مولانا سراج الدين سڄي جمعيت جو امير مقرر ڪيو ويو، پر پنهنجي سخت خيالن جي ڪري جماعت جي شوريٰ جي لاءِ هن کي گڏ کڻي هلڻ مشڪل ٿي پيو. 
مولانا فضل الرحمان جيڪو هڪ مدرسي جي پيداوار هو ڪنهن آمر جو نه، جيئن ته عام طور تي اسان جا ليڊر آهن، جن جو سياسي سفر 1980 جي آخر ۾ شروع ٿيو جڏهن جمعيت علماءِ اسلام 1981ع ۾ تحريڪ بحالي جمهوريت، ايم آر ڊي جو حصو بڻي ته مولانا جي سياسي عمر صرف هڪ سال هئي پر جلدي ئي هن پنهنجو پاڻ کي سياسي رنگ ۾ پورو رنگي ڇڏيو، 1983 جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتاري ڏني. 

مولانا بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري جي وڏو مداح هو، ايم آر ڊي ٺاهڻ سولي نه هئي. هن جي لاءِ اهو مشڪل هو ته انهن ماڻهن سان گڏ ڪيئن ويهجي، جن ڀٽو جي ڦاهي ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ڪير ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو ته هو ٻاهر نڪتي. اهڙي طرح بينظير ڀٽو جهڙي طرح آمريت جو مقابلو ڪيو، بقول مولانا جي ته، ”هوءَ وڏن وڏن سياستدان کي پويان ڇڏي وئي.“ 
1988 جي چونڊن کانپوءِ مولانا جي جماعت جي سامهون وڏو سوال اهو به هو ته ”عورت جي حڪمراني“ قابل قبول آهي يا نه، جمعيت جي گهڻن اڪابرن جو خيال هو ته اسان کي ان جي مخالفت ڪرڻ کپي، شوريٰ ۾ گرما گرم بحث ٿيو، بقول قاري شير افضل ”مون جڏهن چيو ته عورت جي حڪمراني بهرحال آمر جي حڪمراني کان بهتر آهي ته سڀني مون کي پ پ پ جو ايجنٽ قرار ڏنو پر امير کي اها ڳالهه سٺي لڳي ۽ فيصلو ٿيو ته هوءَ مقبول ليڊر آهي ۽ ماڻهن کيس چونڊيو آهي، تنهنڪري اسان کي احترام ڪرڻ گهرجي.“ 
جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ مذهبي پارٽين جي اتحاد سان متحده مجلس عمل وجود ۾ آئي ۽ افغانستان تي آڪٽوبر 2001 ۾ آمريڪي حملي کانپوءِ آمريڪا مخالف جذبن کي اڀرڻ جو گهڻو فائدو ايم ايم اي کي ٿيو، جنهن 2002 ۾ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهي ۽ بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت جو حصو ٿيا. مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو قائد ٿي ويو. ڪراچي مان به ايم ايم اي کي چار سيٽون مليون، جنرل مشرف مولانا کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ ايم ايم اي ۽ مشرف ۾ ”ليگل فريم ورڪ آرڊر“ جي نالي سان هڪ ڳالهه تي اتفاق ٿيو هو ته ايم ايم اي مشرف کي قانوني ۽ سياسي تحفظ ڏيندي ۽ مشرف ڊسمبر 2004 ۾ آرمي چيف جو عهدو ڇڏي ڏيندو پر هن پوءِ عهدو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مولانا کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين کي قابل قبول ٿي ويندو هو. ڪٿي ايم آر ڊي ۽ ڪٿي ايم ايم اي، ڪٿي بينظير سان اتحاد ۽ قاضي حسين احمد مرحوم. هڪ طرف اسفندر يار ولي سان دوستي ته ٻئي طرف افغان طالبان پر عمران خان جي معاملي ۾ مولانا سمجهي ئي نه سگهيو ته هي 2013 ۽ 2018ع ۾ ”عمراني انقلاب“ ڳاڙهي ۽ سائي ٻنهي جو صفايو ڪيئن ڪيو. ”ڪرڪيٽ“ جو بهرحال ان ۾ عمل دخل گهڻو آهي. گذريل 20 سالن ۾ ڪرڪيٽ جي جنون مدرسن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. 

مولانا ”سياست ۽ مذهبي ڪارڊ“ جو پراڻو رانديگر آهي، پر ڪپتان جي سياست ۾ اچڻ سان عمران خان ”ڪرڪيٽ ڪارڊ“ جو اضافي استعمال ڪري ماڻهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ورتو. هاڻي ان سان گڏ ”مذهبي ڪارڊ“ رياست مدينه جي دعويٰ جي شڪل ۾ به آهي. جنگ ۽ آپريشن مخالف هئڻ جي ڪري ڪي پي ۽ اڳوڻي فاٽا ۾ به مقبول آهي ۽ ڪرپشن مخالف بيان جي ڪري ”سياسي ڪارڊ“ به هن وٽ آهي. حڪومت هلي نه هلي، اي ٽي ايم ڪارڊ به ناڪاره ٿي وڃن پر عمران مولانا کي هڪ جونيئر کان 2018 ۾ شڪست کارائي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. مولانا جي سامهون اڄ پهريون دفعو رانديگر تکو آهي پر ان جي ٽيم منتشر آهي ۽ امپائر به عمران خان کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي موڊ ۾ نٿو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو