ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي ۽ ملڪي ويٽرنري ماهرن ۽ ترقي پسند ڀاڳين لائيو اسٽاڪ بريڊرز فورم جي قيام ۽ ملڪ جي موروثي ۽ ناياب جانورن جي نسلن جي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي تحقيقي ڪم شروع ڪرڻ، پائيدار مصنوعي حمل ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي نفاذ تي زور ڏنو آهي. ماھرن جانورن جي نسلن ۾ جينياتي بهتري آڻي کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ واڌ ۽ ايڪسپورٽ لاءِ گڏيل اتحاد ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميزباني هيٺ ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان “سنڌ ۾ منافعي بخش جانورن جي نسل جي واڌاري” جي عنوان سان ٻن ڏينهن وارو لائيو اسٽاڪ بريڊرز فورم پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومتي سطح تي لائيو اسٽاڪ شعبي جي همٿ افزائي لاءِ وڌيڪ گنجائش موجود آهي. هن چيو ته بهتر نسلن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن سان به رابطو ڪيو وڃي ، ھن چيو تہ جانورن جي بھتر نسلن جي لاءِ ڀاڳين کي کي سڌي ريت گرانٽس ڏيڻ گھرجي، هنن چيو ته بهتر فارمرز کان جانورن جي نسل حاصل ڪرڻ لاءِ گرانٽ سڌيءَ طرح فارمرز کي ڏني وڃي. هن اهو به چيو ته هو وفاقي حڪومت جي زراعت تي ٽيڪس لڳائڻ جي مخالفت ڪن ٿا، ڇو ته بغير سهولتن جي ٽيڪس مناسب ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي اهم ڪم ڪري رهي آهي ۽ هو سنڌ ڪابينا کان زرعي يونيورسٽي جي مدد جي سفارش ڪندو، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، محمد عباس بلوچ چيو ته يونيورسٽي اهم مسئلن تي اهڙا پروگرام منعقد ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي ادارن کي فارمرز کي مارڪيٽ سان سڌي طرح رابطو رکڻ ۾ مدد ڏيڻ گهرجي.سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي پيداوار ۾ سالياني 6 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ غربت جي شرح 50 سيڪڙو گهٽائي سگهجي ٿي. سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري معين الدين صديقي چيو ته تحقيقي ذريعي بهتر نسلن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ۽ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن ۾ جانورن جي ايڪسپورٽ لاءِ جڳهه ٺاهي وڃي. آمريڪا مان آن لائن خطاب ڪندي پروفيسر ايمرٽس ڊاڪٽر مشتاق احمد ميمن چيو ته دنيا ۾ لائيو اسٽاڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي انحصار ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته ويٽرنري سان لاڳاپيل ماهرن ۽ نوجوانن لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن، جن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي. تقريب ۾ ڊاڪٽر غلام اڪبر درس، ڊاڪٽر پرشوتم کتري، ۽ ٻين ماهرن پنهنجا خيالات پيش ڪيا. هن موقعي تي عمرڪوٽ سب ڪيمپس جي ڊاڪٽر جان محمد مري، فيڪلٽي آف اينمل هسبنڊري اينڊ ويٽرنري سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، خاتون زميندار ۽ وڏيري نازو ڌاريجو، غلام اڪبر درس، عبدالله سيٺار ۽ ڊاڪٽر ظفر اقبال پڻ خطاب ڪيو.ان موقعي تي ملڪ جي مختلف ادارن مان آيل ماهرن پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، جن ۾ ڊاڪٽر چندر ڪمار، ڊاڪٽر عاقيل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام بلال، ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، ڊاڪٽر سيما بلوچ ۽ ڊاڪٽر سعيد احمد سومرو شامل هئ، آخر ۾ سفارشون پيش ڪندي تجويز ڏني وئي ته مقامي نسلن جي واڌاري، بيمارين جي خلاف مدافعت، ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد جينياتي ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي حمل جي پروگرامن کي وڌايو وڃي. جانورن جي پروٽين ضرورتون پوري ڪرڻ لاءِ مقامي سويا بين جي پيداوار کي فروغ ڏنو وڃي. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته تحقيق، تربيت، ۽ فارمرن جي آگاهي تي سيڙپڪاري ڪئي وڃي، ۽ مويشي پالڻ وارن کي رجسٽر ڪيو وڃي. اعليٰ نسل جي جانورن جي واڌاري لاءِ ايمبريو ٽرانسفر ليبارٽريز قائم ڪيون وڃن ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي سبسڊي ذريعي نافذ ڪيو وڃي.










