ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪلچرل ڊي جي حوالي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ سنڌ ڪلچرل فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلن سميت ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي.گورنر سنڌ هائوس ڪراچي جي سبزه زار ۾ سنڌ ڪلچر فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، فيسٽيول ۾ ماڻهن جي وڏي انگ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي شرڪت ڪئي.ميلي ۾ ايران، روس، چين، جاپان، عمان، قطر، بحرين، بنگلاديش، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلن، سياسي شخصيتن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، سنڌ جي ثقافت جو پيغام پيار ۽ ڀائيچاري آهي.هن چيو ته گورنر هائوس عوام جي مسئلن جي حل لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهي، بين المذاهب هم آهنگي تحت گورنر هائوس ۾ اقليتن جو عيد پڻ ملهايو ويو آهي.










